سکر بيراج وٽ مسئلا آهن، برساتن بعد دريائن ۾ وهڪرا وڌڻ سان بلوچستان کي فائدو ٿيندو: ارسا
جُولاءِ 9, 2024
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) بلوچستان پاران سندن حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ جي شڪايت کانپوءِ ڪالهه ارسا ۽ بلوچستان جون ٽيمون سکر بئراج تي پھچي بئراج جو دورو ڪيو ۽ پاڻي وهڪرن جو جائزو ورتو، سکر بئراج انتظاميا ٽيم کي متاثر گيٽن جو ھلندڙ ڪم پڻ ڏيکاريو، ان موقعي تي ٽيم کي چيف انجنيئر سکر بئراج منصور احمد ميمڻ ٻڌايو ته بيراج جا ٻه گيٽ 47 ۽ 44 متاثر ٿيا، جن تي اڃا سوڌو ڪم ھلندڙ آھي، جيستائين گيٽ نمبر 47 هون نئون نه ٿو لڳي ۽ متاثر گيٽن جو ڪم پورو نٿو ٿئي تيستائين بيراج جي پانڊ ليول نٿي وڌائي سگھجي، اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته سکر بيراج انتظاميا ارسا آڏو واضع ڪيو ته ٻن گيٽن واري واقعي کان پوءِ رهيل گيٽن ۾ به اھا سگهه ناھي جو انهن تي پانڊ ليول وڌائي وڌيڪ دٻاءُ ڏئي نقصان ۾ آڻجن، ان موقعي تي بيراج انتظاميا ڊائريڪٽر آپريشن ارسا رانا خالد کي چيو ته مٿان کان پاڻي وڌائي ڏنو وڃي ته جيئن پاڻي جي ريگيوليشن وسيلي بلوچستان کي گهرج موجب پاڻي فراهم ٿي سگهي ۽ دادو ڪينال کي به ضرورت موجب پاڻي ملي سگهي، ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشن ارسا رانا خالد کين خاطري ڪرڻ بجاءِ قدرتي پاڻي وڌڻ جي صورت ۾ واڌو پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، ان موقعي تي سکر بيراج ۾ گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ارسا بلوچستان جي ميمبر ۽ چيئرمين ارسا عبدالحميد مينگل ڊائريڪٽر آپريشن ارسا رانا خالد، ميمبر ارسا پنجاب امجد سعيد، چيف سکر بئراج رائيٽ بينڪ مختيار احمد ابڙو، چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ منصور احمد ميمڻ، اي سي فياض شاھ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، ان دوري ۾ ارسا جو سنڌ ميمبر احسان لغاري موجود نه هو، ان موقعي تي بلوچستان پاران به پاڻي وڌائڻ لاءِ ارسا تي زور ڀريو ويو، ارسا پاران ڄاڻايو ويو ته سکر بيراج جا مسئلا حقيقي آهن باقي ملڪ ۾ برساتن بعد دريائن ۾ وهڪرا وڌي رهيا آهن ۽ ان جو فائدو بلوچستان کي ملندو.