سکر بيراج تي ڪافر ڊيم جو ڪم وقت کان اڳ مڪمل: ليفٽ بينڪ جي ڪينالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو
جُون 26, 2024
سکر بيراج جو خراب ٿيل گيٽ 47 ٻيهر لڳائڻ لاءِ ڪافر ڊيم جو ڪم وقت کان اڳ مڪمل، ليفٽ بينڪ جي ڪينالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي کي آگاهي ڏيندي چيو ته اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس پيو ڪيان ته سکر بيراج تي ڪافر ڊيم ٻڌڻ جو ڪم اڄ فجر جي وقت مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪافر ڊيم جي تياري 4 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻي هئي، 72 ڪلاڪ اڳ ڪافر ڊيم ٺاهڻ تي آبپاشي وزير ۽ سندس ٽيم جس لهڻي، ڪراچي شپ يارڊ پاران 20 جولاءِ تائين گيٽ 47 تيار ڪيو ويندو، ان کان اڳ ڪيسيئن گيٽ تيار ڪري گيٽ 47 جي جاءِ تي لڳايو ويندو، ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ بعد پانڊ ليول وڌائي سمورن ڪينالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو، هن وقت ليفٽ بينڪ جي روهڙي ڪينال، خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ ۽ نارا ڪينال ۾ ڪجهه پاڻي ڇڏيو ويو آهي