سکر بئراج جي ٻن دروازن کي مرمت دوران نقصان، ايمر جنسي لاڳو، 7 ڪينالن جا وهڪرا متاثر
جُون 21, 2024
سکر (بيورو رپورٽ) ايشيا جو سڀ کان وڏو نهري نظام رکندڙ سکر بئراج جي ٻن گيٽن 44 ۽ 47 کي مرمتي ڪم دوران سخت نقصان پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ورلڊ بينڪ جي تعاون سان هلندڙ گيٽن جي تبديلي واري ڪم دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ سبب گيٽ نمبر 44 ۽ 47 ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پاڻي جي دٻاءُ سبب ٻئي گيٽ پنهنجي اصل جاءِ تان هٽي ويون آهن، جنھن کانپوءِ سکر بئراج تي ايمر جنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، بئراج کي ٽريفڪ جي آمدرفت لاءِ مڪمل طور بند ڪري ٻنهي طرفن کان رينجرز جا جوان بيهاريا ويا آهن، جڏهن ته کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي پانڊ ليول ٻه سئو فوٽن کان گهٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آھي، جنهن سان بئراج جي ستن ئي ڪئنالن کي گهربل 58 ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي نه ملي سگهندو ۽ سنڌ ۾ خريف هو فصل متاثر ٿيندو، مليل ڄاڻ موجب سکر بئراج جي ٻنهي طرفن کان ستن ئي ڪئنالز جا وهڪرا گهٽايا ويا آھن، پاڻي جا وهڪرا وڌيڪ ھجڻ ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سکر بئراج جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر زاهد مغل جو چوڻ آهي ته ڪا خطري جي ڳالهه ناهي، پاڻي جا وهڪرا وڌڻ ڪري گيٽ نمبر 44 ٿورڙو مڙي وئي آهي، گيٽ نمبر 47 ڦاسي پئي آهي، تنهن ڪري ڄاڻايل گيٽن تان پاڻي اوور ٽاپ ڪري پيو، ان ڪري پانڊ ليول ٿوري وقت لاءِ متاثر ٿيندي، جنهن کي 36 ڪلاڪن تائين بحال ڪيو ويندو.