سکر بئراج جي 2 گيٽن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ايمرجنسي لاڳو، 7 واهن کي پاڻي فراهمي بند، فصلن کي ڪاپاري نقصان

جُون 22, 2024

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو) سکر بئراج جي 2 گيٽن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، هڪ زمين ۾ دٻجي ويو، هڪ ٽيڙهو ٿي ويو، ايمرجنسي لاڳو، 7 واهن کي پاڻي فراهمي بند، فصلن کي ڪاپاري نقصان، ٽريفڪ بند، بحالي جو ڪم شروع، آبپاشي جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري پهچي بريفنگ ورتي، ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته بئراج جي گيٽس کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو پيو وڃي، درن جي مرمتي ڪم سبب پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪرڻ تي آبادگارن ۽ عوام کان معذرت ڪيون ٿا، خبر موجب سکر بئراج جي گيٽ 47 هين ۽ 44 هين بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ گيٽ جي اسٽيل پليٽ ئي لڙهي وئي آهي، جڏهن ته ٻيو گيٽ وچ مان چٻو ٿي ويو آهي، گيٽن جي بحالي لاءِ سکر بئراج جا هلندڙ سمورا دروازا کوليا ويا آهن ۽ پاڻي کي ڪوٽڙي طرف وهايو ويو آهي، جنهن ڪري سکر بئراج مان نڪرندڙ ستن ئي ڪئنالن ۾ پاڻي فراهمي مشڪل بڻجي وئي آهي، ڪالهه شام ڌاري سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 زمين ۾ دٻجي ويو، جڏهن ته گيٽ نمبر 44 جيڪو 40 ٽن وزني آهي اهو ٽيڙهو ٿي ويو آهي ۽ اُن گيٽ پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن ڪري پاند ليول مينٽين ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن کي زرعي مقصدن لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو ۽ لڳ ڀڳ 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ سبب ڪئنالن کي 50 کان 60 سيڪڙو پاڻي فراهمي متاثر ٿي آهي، بئراج جو پانڊ ليول 8 فوٽ کان 10 فوٽن تائين ڪيرايو ويو آهي، جنهن ڪري ڪينالن ۾ 58 هزار ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 24 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪينالن ۾ وڃي سگهيو آهي، ڪالهه شام تائين 60 سيڪڙو کڻت گهٽجي وئي، جيڪا اڄ ڇنڇر تي وڌيڪ گهٽجڻ جا امڪان آهن، خيرپور ويسٽ ڪينال کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ ڪمانڊ ايريا واري روهڙي ڪينال ۾ رڳو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ڇوڙ ٿي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو نارا ڪينال به ڪالهه لهي 10 هزار ڪيوسڪ تي پهچي ويو، جنهن ۾ اڃا وڌيڪ لاٿ جا امڪان آهن، سکر بيراج مان 7 ڪينال لڳ ڀڳ 10 هزار ڪلوميٽرن تائين پاڻي کڻي زرعي زمينن تائين پهچائيندا آهن ۽ ان مان لڳ ڀڳ 80 لک ايڪڙ سنڌ جي زرعي زمين مختلف فصلن سان آباد ٿيندي آهي، سکر بيراج تان زور گهٽائڻ خاطر گڊو وٽان ٻوڏ جي مند واري ريڻي ڪينال ۾ 3064 ڪيوسڪ ۽ آرڊي 109 وٽان 5864 ڪيوسڪ پاڻي موڙيو ويو، آبپاشي وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ جي سمورن بئراجن جي 8 چيف انجنيئرن کي سکر بئراج گهرائي ورتو آهي، ان حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪيون پيون وڃن، سکر بئراج جي دروازن مان 43 دروازو به متاثر ٿيو آهي، ڪالهه ڪرينن وسيلي جائزو ورتو ويو، هن ڀيري وري گذريل ڏينهن بيراج جا درواز متاثر ٿيا آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جا وهڪرا بهتر آهن ۽ برساتون به شروع ٿي ويون آهن، ان ڪري انجنيئرن لاءِ دروازن جي بحالي وڏو چيلنج هوندي، آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ٻنهي گيٽن جي جلد مرمت ۽ متاثر ڪينالن کي پاڻيءَ جي جلد فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، متاثر ٿيندڙ شاخن ۽ واهن کي پاڻيءَ جي فراهمي بحال ڪرڻ جي تاريخ 72 ڪلاڪن اندر ٻڌائي سگهبي، ڪالهه آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن بئراج تي پهچي صورتحال بابت بريفنگ ورتي،  صوبائي وزير چيو ته بئراج جي گيٽس کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو پيو وڃي، درن جي مرمتي ڪم سبب پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪرڻ تي آبادگارن ۽ عوام سان معذرت ڪيون ٿا.

اربين رپيا خرچن جا پول کُلي ويا، وري ٽيڪو: نان آپريٽو در ڪڍي متاثر هنڌ هڻڻ جو فيصلو

سکر: سکر بيراج جي متاثر ٿيل دروازن جي خرابي واري معاملي بابت ابتدائي  رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آھي ته هڪ دروازي جي اسٽيل شيٽ لڙهي وئي آھي, ٻيو دروازو لڙهي آيل ڪنهن وڻ جي ڌڪ لڳڻ سبب متاثر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ان سان بيراج جي اڏاوت تي ڪو اثر ناهي ٿيو پر خريف جي چوٽ مند ۾ پاڻي فراهمي مسئلو ٿيندي ۽ ٻيو ته بيراج تي ٿيندڙ اربين رپين جي خرچن جا پول کلي ويا آهن. سکر بيراج جي متاثر دروازن جي جاء تي ٻيٽ سامهون نان آپريٽو دروازا ڪڍي متاثر دروازن جي جاء  تي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سرڪاري پڌرائي موجب 72 ڪلاڪن ۾ بيراج جي بحالي جو يقين ڏياريو ويو آهي. سرڪاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20 جون تي شام جو 7.20 تي سنڌ حڪومت کي اهڙي واقعي جو اطلاع مليو جنهن بعد بيراج تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب جيستائين ٻنهي گيٽن جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿيندو سکر بيراج جي ڪينالن ۾ پاڻي فراهمي بند رهندي.

1982 ۾ 32هون گيٽ ٽٽو، 92 تائين سمورا در تبديل ڪيا ويا هئا

سکر: سکر بيراج جو 1982ع ۾ 32 هون نمبر گيٽ ٽٽو هو جيڪو 1983ع ۾ تبديل ٿي سگهيو هو. 1989ع کان 1992ع تائين بيراج جا سمورا گيٽ تبديل ڪيا ويا هئا. 2004ع ۾ به ساڄي پاسي ٿنڀن وٽ روڻ پوڻ سبب ڪافر ڊيم وسيلي مرمتي ڪم ڪيو ويو هو. 2019ع ۾ 39 هون گيٽ ٽٽي پيو هو جنهن ڪري 31، 33، 34، 35 ۽ 39 هون گيٽ تبديل ڪيا ويا هئا.  هاڻوڪي واقعي کان اڳ هن ئي سال 36 هون گيٽ به ٽٽو هو جنهن کي گذريل مهيني ٺاهيو ويو هو. بيراجن جي بحالي واري کاتي پاران ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سکر بيراج جا سمورا گيٽ تبديل ڪرڻ واري رٿا تي ڪم هلندڙ آهي.

سکر بئراج کي ڪو خطرو ناهي، لاپرواهي ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪبي: ڄام خان شورو

سکر(بيورو رپورٽ) صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو آهي ته سکر بئراج ۽ ان جو اسٽريڪچر محفوظ آهي، بئراج کي ڪو به نقصان ناهي پهتو. ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪڏهن ڪنهن جي ڪوتاهي ظاهر ٿي ته ان خلاف ضرور ڪاروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو سان گڏ چيف انجنيئر سکر بئراج جي آفيس ۾ ميڊيا هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جيئن اطلاع ملي ته ايم ڊي سيڊا، سيڪريٽري ۽ ٻين سان گڏ وزٽ ڪيو آهي، رات جي وقت معلوم ٿيو ته گيٽ نمبر 47 ڊيميج ٿيو آهي، 44 ٽيڙو ٿي ويو آهي. ڄام خان شورو چيو آهي ته 1982 ۾ 31 هون گيٽ نڪري ويو هو، انهي جي به رپورٽ ڪڍي وئي آهي، ڊسمبر جو مهينو هو ۽ پاڻي گهٽ هيو ان ڪري آساني سان گيٽ لڳايو ويو، ان وقت طئه ٿيو هو ته سڀئي گيٽ تبديل ٿيندا. هن چيو ته سال 2018 ۾ 39 جون گيٽ نه بينڊ ٿيو هو، جنهن دوران چيو ويو ته ڇهن گيٽن جي فوري مرمت جي ضرورت آهي تنهن ڪري گيتن جي مرمت لاءِ شپ يارڊ ڪمپني ڪراچي کي ٺيڪو ڏنو ويو، ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان بئراج جا سمورا گيٽ تبديل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. تازي صورتحال متعلق اطلاع ملڻ تي پاڪستان سپ يارڊ ڪمپني، نيوي ۽ ٻيون ٽيمون پهچي ويون آهن. سڀاڻي تائين جو ٽائيم ڏنو ويو آهي، ٽائيم فريم ڏنو ويندو ته ڪيترن ڏينهن ۾ گيٽن جي بحالي ممڪن آهي. هن چيو ته بئراج کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پهريون ڪم پاڻي ڊائون اسٽريم ڇوڙ ڪرڻ وارو ڪيو ويو، بئراج کي محفوظ ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته شال 2018 ۾ گيٽ نمبر 39 بينڊ ٿيو جنهن جي مرمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته 6 گيٽ تبديل ڪيا وڃن جنهن جو ٺيڪو شپ يارڊ کي ڏنو ويو، ورلڊ بينڪ جي تعاون سان گڊو بئراج سان گڏ سکر بئراج جو به ڪم شروع ڪيو ويو. بئراج جي اسٽريڪچر تان وزن گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چيني ڪمپني گيٽ نمبر 36 تبديل ڪيو آهي، سمورا گيٽ چيني ڪمپني تبديل ڪندي. هاڻي ٽيمن جو ڪم ڪسان گيٽ لڳائڻ آهي. سڀاڻي تائين هي ٽائيم ڏيندا ته ڪيستائين گيٽ لڳي ويندا، ڪسان گيٽ جيڪو موجود آهي اهو لڳايو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  پاڪستان شپ يارڊ کان ايمرجنسي گيٽ لڳايا هئا. چائنيز ڪمپني پاڪستان شپ يارڊ پاران لڳايل گيٽ به ٻيهر لڳايا ويندا. هن چيو ته ان حوالي سان ڪميٽي به ٺاهي آهي جيڪڏهن ڪو آپريشنل مسئلو ٿيو آهي ته يقين ذميوار خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ڪم دير سان شروع ٿي واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيئن ڪم شروع ٿيو ڪو ووڊ اچي ويو، سامان نه پهچڻ سان ڪم دير سان شروع ٿيو. اڳ سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جو ڪم الڳ الڳ ٿيڻو هو پر بعد ۽ گڏيل پي سي ون ٺاهي وئي. هن چيو ته گيٽ نمبر 47 ۽ گيٽ نمبر 44 جي ديميج ٿيڻ جو ڪارڻ آهي پنهنجي مددت پوري ڪري ويا آهن ان ڪري ئي نوان گيت لڳايا ويا وڃن.

وڻ ٽڪرائجڻ سبب گيٽ 47 دٻجي ويو، خطري جي ڳالهه ناهي: کيڙو

سکر: سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو چيو  آهي ته پاڻيءَ جي وهڪري ۾ هڪ وڏو وڻ لڙهي اچي بيراج جي گيٽ نمبر 47 سان ٽڪرايو، گيٽ نمبر 47 جي ويهجي وڃڻ سان گيٽ نمبر 44 به متاثر ٿيو، سکر بيراج جا گيٽ تبديل ڪرڻ جو پروگرام اڳ ئي رٿيل هو، چيني انجنيئرز جي ٽيم سکر ۾ موجود آهي،خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عيد کان اڳ هنن گيٽ نمبر 36 تعمير ڪيو هو،  اڄ سکر ۾ آبپاشي وزير جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ۾ حڪمت عملي جوڙي بيراج جي دروازن جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو، سکر بيراج وٽ خطري جي ڪا به ڳالهه نه آهي، ڪجهه ڏينهن اندر دروازن جو مرمتي ڪم مڪمل ڪري ڪينالن ۽ واهن کي معطل ڪيل پاڻيءَ جي فراهمي بحال ڪنداسين.

سکر بئراج ۽ ستن ڪئنالن جا گيٽ مٽائڻ لاءِ چيني ڪمپني کي ٺيڪو!!

سکر: ورلڊ بينڪ جي تعاون سان چائنا جي ڪمپنيءَ  جي سکر بئراج ۽ ستن ڪئنالن جا گيٽ تبديل ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي. چيني ڪمپني عيد کان هڪ گيٽ نمبر 36 جي تبديلي وارو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. مليل ڄاڻ موجب سکر بئراج جي تعمير وقت لڳايل في گيٽ جو وزن 40 ٽن آهي، گيٽ جي سپورٽ يا ڪائونٽ سسٽم جيڪو سيميٽيڊ آهي اُن جو وزن 80 ٽن آهي. چيني ڪمپني پراڻي گيٽ واري نظام کي ختم ڪندي صرف 54 ٽن جو گيٽ لڳايو آهي ۽ سپورٽ سسٽم يا ڪائونٽر سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان سکر بئراج جي ڍانچي مٿان وزن گهٽجي ويندو.

روهڙيءَ سميت ٻين ڪئنالن ۾ پاڻي کڻت گهٽجڻ جو امڪان

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سکر بئراج جا دروازا متاثر ٿيڻ کانپوءِ انهن دروازن جي بحالي لاءِ ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ڪيل پاڻي کانپوءِ سکر بئراج جي پانڊ ليول وڌيڪ هيٺ لهي وئي آهي. پانڊ ليول هيٺ لهڻ سبب سکر بئراج جي 7 ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ به گهٽجي ويو آهي. مليل انگن اکرن موجب سکر بئراج جي ساڄي پاسي جي پانڊ ليول 192.4 ۽ کاٻي پاسي جي پانڊ ليول 192.3 آر ايل رڪارڊ ڪئي وئي. پانڊ ليول هيٺ لهڻ سبب نارٿ ويسٽ ڪئنال ۾ پاڻي جو ڇوڙ 1200، رائيس ڪئنال ۾ 4 هزار 500، دادو ڪئنال ۾ 800، نارا ڪئنال ۾ 11 هزار، روهڙي ڪئنال ۾ 6 هزار، خيرپور ايسٽ فيڊر ۾ پاڻي جو ڇوڙ 830 ۽ خيرپور ويسٽ ڪئنال ۾ پاڻي جو ڇوڙ صرف 400 ڪيوسڪ ڪيو پيو وڃي. صبح جو انهن ڪئنالن ۾ مجموعي طور 20 هزار100 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو هو. روهڙي ڪئنال ۾ صبح جي وقت پاڻي جو ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ هو جيڪو وڌيڪ هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽايو ويو آهي. روهڙي ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن ۾ پاڻي جي کڻت اڃا به گهٽجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

درن بابت هر ڪنهن جو پنهنجو موقف: تيز هوائن سبب گيٽ ٽُٽو آهي: ڪمشنر/ ڊي سي

سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سکر بئراج پهچي بئراج جي ٽٽل گيٽ جي مرمت جو جائزو ورتو. ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو کي بئراج انتظاميه پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي گهڻي ڇوڙ دوران تيز هوائن سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 ٽٽي ويو، جڏهن ته گيٽ نمبر 44 پڻ متاثر ٿيو آهي، اهي ٻئي دروازا هڪ وڻ جي ڪرڻ سبب متاثر ٿيا آهن، انهن کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته متاثر ٿيل دروازن کي هٽائي پاڻي جي وهڪري کي گهٽ ڪري متبادل دروازو لڳايو ويندو.

آبپاشي کاتو پاڻ نگراني ڪري، سڄو معاملو چيني انجنيئرن تي نه ڇڏيو وڃي: اڳوڻو چيف سيڪريٽري

سکر: سنڌ جي ناليواري ٽيڪنوڪريٽ ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو  آهي ته آبپاشي وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ تي احسان ڪندي هڪ هفتي اندر مرمتي ڪم ڪرائي ڪينالن کي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائين، 15 ڏينهن لڳايا ويا ته سنڌ جي زراعت کي اربين روپين جو نقصان ٿيندو، سنڌ جي آبپاشي کاتي کي سمورو معاملو چيني انجنيئرز حوالي ڪرڻ بدران پاڻ به نگراني ڪرڻ گهرجي.

خريف جا 50 سيڪڙو فصل سُڪي ويندا، اربين رپيا نقصان جو خدشو، آبادگار ڳڻتي ۾ وٺجي ويا

سکر: سکر بيراج مان ڪينالن کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿيڻ سان خريف جي فصلن کي 50 سيڪڙو نقصان جو خدشو آهي، وونئڻ، ڪمند، بصر ۽ ساريالي فصل جا آبادگار تباهه ٿي ويندا، اربين رپين جي نقصان جو خدشو آهي، انجنيئرز جي ٽيم سان ڳالهائي ٻڌايو وڃي ته پاڻيءَ جي فراهمي بحال ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاهه جو چوڻ آهي ته سکر بيراج جا گيٽ خراب ٿيڻ ۽ پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿيڻ وڏو سانحو آهي، چئلينج واري هن گهڙيءَ ۾ آبادگارن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجن انجنيئرز تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، انجنيئرز کي ڪجهه وقت جي مهلت ڏيڻ جي ضرورت آهي، بيراج جي گيٽس جو مرمتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري پاڻيءَ جي جلد فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Comment