سکر: ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم وٺڻ مشڪل بڻجي ويو، قطارون لڳل، عورت سان گارڊ جي بدتميزي، ڇڪتاڻ، پوليس طلب، مڙس گرفتار
آگسٽ 1, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي ٻوڏ متاثرن جي قسط واري رقم مقامي بينڪ مان ملڻ بجاءِ صرف سکر ۾ هڪ نجي بينڪ مان ملڻ لڳي، متاثرن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسان کي ذليل ڪرڻ بجاءِ عزت واري انداز ۾ اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ قسط ڏياري، تفصيل موجب سنڌ حڪومت لاڙڪاڻو ڊويزن جي ٻوڏ متاثرن کي اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ رقم جي ادائگي بهتر طريقي ۽ آسانيءَ سان ڏيڻ بدران انهن جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور جي ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي اڏاوت لاءِ قسطن جي ادائگي وارو ڪم لاڳاپيل ضلعن ۾ موجود بينڪن ۾ ڪرڻ بدران ٻنهي ڊويزنن ۾ رڳو هڪ برانچ رکندڙ نجي بينڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڏورانهن علائقن مان غريب، بي پهچي، معذور، پيرسن مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ ڪرايا ڀري سکر پهچي رهيا آهن، شديد گرميءَ ۾ اُنهن کي اُس کان بچڻ لاءِ بينڪ انتظاميا ٽينٽ ته لڳايو آهي پر اُنهن جي ويهڻ لاءِ ڪا به سهولت موجود ناهي، ٻوڏ متاثر يا ته زمين تي ويهڻ يا وري اُن ٽينٽ جي حصي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن، اِن ڏس ۾ مختلف ضلعن کان پهتل ٻوڏ متاثر مردن ۽ عورتن جو چوڻ آهي ته اڳ قسطن جي ادائگي اسان جي کليل اڪائونٽس ۾ لاڳاپيل ضلعن جي بينڪ مان ئي ٿي ويندي هئي، پر هاڻي اُتان جي بينڪ انتظاميا اهو چئي واپس ڪري ڇڏي ٿي ته توهان جي قسط سکر جي اين آر ايس پي بينڪ ۾ آئي آهي، هِتي پهچون ٿا ته سڄو سڄو ڏينهن عذاب جهڙي گرميءَ ۾ بيهاري واپس ڪيو ٿو وڃي ۽ وري اچڻ لاءِ ٻئي تاريخ ڏئي ڇڏين ٿا، ڪجهه ٻوڏ متاثرن چيو ته اسان ڪجهه مهينن، ڪجهه هفتن کان پنڌ ڪري رهيا آهيون، ڪرايا خرچ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر اسان جي ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو ناهي، متاثرن جو چوڻ هو ته بيماريءَ واري حالت ۾ به شديد گرميءَ ۾ قسط وٺڻ لاءِ اچون ٿا پر هتي انتظام مڪمل نه هجڻ سبب ويتر عذاب کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو، ڪوٽڏيجي جي رهواسڻ پيرسن عورت جو چوڻ هو ته ٻين جون ٽي ٽي قسطون اچي ويون آهن منهنجي پهرين قسط آئي آهي، جنهن بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرايو اتي ڪوٽڏيجي ويس اُنهن چيو اوهان جا پئسا سکر آيا آهن، بيمار هجڻ باوجود هتي پهتي آهيان پر هتي وارو نظام سمجهه کان ٻاهر آهي، حال هيڻا ٿي ويا آهن پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، ٻوڏ متاثرن الزام مڙهيندي چيو ته بينڪ جا سيڪيورٽي گارڊ، عملو بدتميزيڪري ٿو، هنن جا ايجنٽ ڇڏيل آهن جيڪو متاثر پنج هزار روپيا ڏئي ٿو اُن جو نمبر جلدي اچي وڃي ٿو، رقم نه ڏيندڙ کي بار بار چڪر لڳرايا پيا وڃن، يا وري جيڪو اثر رسوخ رکندڙ آهي اُن کي جلد رقم جي ادائگي ٿي رهي آهي، بي پهچ، غريب ۽ مسڪينن کي اجهو ڏيڻ لاءِ رقم ڏيڻ بجاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي، هڪ متاثر عورت کي سيڪيورٽي گارڊ ڌڪا ڏنا، جنهن تي اُن جي مڙس سيڪيورٽي گارڊن کي بدتميزي نه ڪرڻ جو چيو جنهن کي به تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو ويو، هڪ ٻوڏ متاثر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاءِ پيغام ڏنو ته وڏو وزير ايئرڪنڊيشن ۾ ويهي ٻوڏ متاثرن کي آسانيءَ سان قسط ڏيڻ جا بيان ڏئي رهيو آهي، هِتي اچي صرف ٻه ڪلاڪ اسان سان گڏ بيهي ڏيکاري ته اسان پنهنجي قسط ئي معاف ڪري ڇڏينداسين، ٻوڏ متاثرن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ لاڳاپيل ذميوارن کان مطالبو ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيان ٻوڏ متاثرن جي لاءِ آيل رقم جي ادائگيءَ ۾ شروع ٿيل ڪرپشن ۽ عوام کي تنگ ڪرڻ وارو عمل بند ڪرايو وڃي، هوڏانهن بينڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته روزانو جي بنياد تي 250 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي رقم جي ادائگي ڪئي ويندي آهي، ٻوڏ متاثرن جي سهولت لاءِ ٽينٽ لڳائڻ سان گڏ ٿڌي پاڻيءَ جو به بندوبست ڪيو ويو آهي، پر متاثرن پاران صبر جو مظاهرو نه ڪرڻ ۽ تڪڙ ڪرڻ سبب مسئلا ٿين ٿا، سڀني کي هڪ وقت قسط جي ادائگي ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي ته هڪڙي ڏينهن اين آءِ سي وٺي انهن کي ٽائيم ڏنو ويندو آهي، ان ڏينهن انهن متاثرن کي نالي سان گڏ کين رقم جي ادائگي ڪئي ويندي آهي