سکر حيدرآباد موٽروي جو ٺيڪو ختم، ڪراچي-حيدرآباد روڊ به موٽروي ناهي: مواصلات وزير

آگسٽ 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي ۾ مواصلات جي وفاقي وزارت سکر حيدرآباد موٽروي جو ٺيڪو ختم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪاميٽي ميمبرن پاران احتجاج، مواصلات جي وفاقي وزير عليم خان اعتراف ڪيو ته حيدرآباد کان ڪراچي تائين ٺهيل روڊ به موٽروي نه آھي، ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي به اڃا ٺهڻو آھي تفصيل موجب  قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت ڪاميٽي جو اجلاس اعجاز جکراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، مواصلات وازارت جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 360 ڪلوميٽر تي سکر-حيدرآباد موٽروي ڪراچي کان پشاور ايم سڪس منصوبي جو آخري نامڪمل حصو آهي. موجوده معاشي صورتحال ۾ پرڏيهي ڪمپني لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڊسمبر 2023 ۾ ان منصوبي جي تعمير جو معاهدو ختم ڪيو ويو آھي. ميمبر ڪاميٽي شبير احمد بجاراڻي چيو ته جيڪڏهن توهان پنجاب جو صوبائي روڊ ٺاهي رهيا آهيو ته ايم 6 جو اهو حصو ڇو نه ٿو ٺاهي سگهجي؟ سنڌ جي وڏي وزير ان منصوبي بابت وزير اعظم کي خط به لکيو آھي، ڪاميٽي چيئرمين اعجاز جکراڻي چيو ته هي اهم شاهراهه آھي سڀ کان اوليتي بنيادن تي اتي موٽروي ٺھڻ گهرجي ها ، ڊاڪٽر درشن لعل چيو ته اگر مواصلات جو وزير ۽ چيئرمين اين ايچ اي چاهي ته سکر حيدرآباد موٽري جي تعمير شروع ٿي سگهي ٿي، وفاقي وزير عليم خان چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي قومي منصوبو آھي، اڃا تائين ڇو نه ٺهيو آھي ان سوال جو جواب مون وٽ نه آھي، ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾ رٿابندي جي وزير کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته مواصلات جي وزير چيو ته هن منصوبي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي به گهرايو جنهن تي ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ رٿابندي جي وزير کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، وفاقي وزير ملاصلات عبدالعيم خان چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ادارن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، اوور لوڊنگ سان روڊ تباهه ٿي  ويندو آهي ته ڏنڊ رڳو 20 هزار آهي، اور لوڊ ٽرڪن کي گذرڻ نه ڏنو ويندو. عبدالعليم خان چيو ته فنڊز نه هجڻ تي اسان پنهنجا منصوبا گهٽائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، بلوچستان ۾ اين ايچ اي جي ڪا به آمدني نه ٿي رهي آهي.

Leave A Comment