سکر ويجهو ڳوٺ لال مشائخ ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي: 5 ٻارڙا فوت

مَي 9, 2024

سکر ويجهو ڳوٺ لال مشائخ ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، 27 اپريل کان هيل تائين ڳوٺ ۾ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڊپٽي ڪمشنر پاران 4 ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق، ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارن ۾ چئن سالن جو عبدالرحمان ڀٽي، ڏيڍ سال جي ٻارڙي شاهين، ڏيڍ سال جو آذان، 5 سالن جو آيان ۽ ٽن سالن جي صديقه شامل، فوتي ٻارن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ٻارن کي کڻي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيا، صحت کاتي جي ٽيم نه پهچڻ ۽ جوڳو علاج نه ٿيڻ سبب 5 ئي ٻار فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت واري وزير کي نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ هيلٿ کاتي جون ٽيمون اماڻڻ جي اپيل

Leave A Comment