سکر: ٽائون ڪميٽي اوٻاوڙو ۾ مبينا جعلسازي خلاف درخواست تي ڌرين جي نوٽيس جاري
سيپٽمبر 20, 2024
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ اوٻاوڙو ٽائون ڪميٽي ۾ جعلسازي ذريعي ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 26 سيپٽمبر تائين جواب طلب
اوٻاوڙو جي اڳوڻي ٽائون آفيسر محمد دائود پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري، اوٻاوڙي جي ٽائون آفيسر ڄام حسن ڏهر، اڪائونٽنٽ، سنڌ بينڪ جي مئنجر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته 14 نومبر 2022 تي مون کي خيرپور ضلعي ۾ پوسٽنگ ملي هئي، ان کانپوءِ ڪٿي به پوسٽنگ ناهي ٿي، اوٻاوڙو ٽائون چيئرمين ڄام حسن ڏهر، اڪائونٽنٽ ۽ سنڌ بينڪ جي مئنيجر سان ملي ڀڳت ڪري منهنجو نالو استعمال ڪيو، منهنجي جعلي صحيح سان ڪروڙين رپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن ڪئي وئي
ٽائون چيئرمين ڪوڙي آرڊر ذريعي مون کي ٽائون چيئرمين ڄاڻائي پئسا ڪڍرايا، عدالت مڪاني ادارن واري سيڪريٽري، ٽائون چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو