سکر واسي اغوا ٿيل 9 گهر ڀاتين جي بازيابي لاءِ اڍائي ڪروڙ ڀنگ طلب، پوليس خاموش
سيپٽمبر 27, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي پنجن ٻارڙن سميت اغوا ٿي ويل 9 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڪشمور ڪنڌڪوٽ توڙي شڪارپور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ بجاءِ حدبندي تڪرار مان نه نڪري سگهي، وارثن کان اڍائي ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب، مغوين جي گهر ۾ ڪهرام، پاڪ ڪتاب جو ورد، تفصيل موجب سکر جي مائڪرو ڪالوني واسي 5 معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري ڪرمپور ويل 9 گهر ڀاتين کي پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته هن وقت تائين واقعي جي ايف آءِ آر به داخل ناهي ٿي سگهي، مغوين ڪونج، سائرا، ثانيا، ثمرين، يوسف، مجيب، غزالا ۽ امبرين جا وارث سکر کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ توڙي شڪارپور جي ايس ايس پيز وٽ وڃي جوڳا قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر حد نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ٻنهي ضلعن جا ايس ايس پيز پاڻ مٿان بار لاهي کيس واپس ڪري ڇڏين ٿا، ٻنهي ضلعن جي پوليس پنج ڏينهن گذرڻ باوجود هن وقت تائين حدبندي جو فيصلو ئي ناهي ڪري سگهي، هوڏانهن مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، عورتون پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ ٻاڏائي رهيون آهن، مغوين جي هڪ وارث حاجي محمد شريف ٻڌايو ته اسان جو خاندان اياز جتوئي وٽ رشتي لاءِ ويو هو، اياز جتوئي چئي پيو ته ٻار مون وٽ ناهن پهتا پر اوهان اڍائي ڪروڙ روپيا گڏ ڪريو مان ڳولا ڪريان ٿو
ٻنهي ضلعن جي پوليس ڪجهه ڪرڻ بدران ڊوڙائي رهي آهي: وارث
سکر: مغوين جي وارثن محمد آچر، اعجاز سيال جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙن سميت 9 گهر ڀاتين جي اغوا سبب هو سخت عذاب واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٿان وري ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس اسان جي فرياد ٻڌڻ بجاءِ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي طرف ڊوڙائي رهي آهي، پوليس هن وقت تائين اهو طئي ناهي ڪيو ته حد ڪهڙي ضلعي جي آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ سان ملاقات ڪئي جنهن خاطري ڪرائي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پر ڄاڻايل ٻنهي ضلعن جا ايس ايس پيز اسان جي مدد ڪرڻ بجاءِ اسان جي پريشانين ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن
اسان جو سڱ ڪرڻ لاءِ گهر ڀاتي ڪرمپور ويا: يتيم نياڻيون
سکر: مائڪرو ڪالونيءَ جي رهواسڻ ٻن يتيم ڀينرن جو رشتو ڏيڻ لاءِ گهر ڀاتي ڪرمپور ويل هئا، جتي پهچي عورتن رابطو ڪري ٻنهي ڀينرن جون تصويرون به گهرايون، اِن متعلق ٻنهي يتيم نياڻين جو چوڻ هو ته گهر ٻاهران چاٽ جو ريڙهو هڻندڙ شمشاد جاگيراڻي ڀاءُ کي چيو هو ته تنهنجي ڀينرن جو رشتو زميندار گهر ۾ ڪرائيندس، جن وٽ تنهنجون ڀينرون خوش رهنديون، مسلسل ڀاءُ کي هو اِن لاءِ تنگ ڪندو رهيو، جنهن تي نيٺ ڀاءُ راضپو ضاهر ڪيو ۽ چيو ته ٺيڪ آهي تون به حل ته هلون ٿا، پر شمشاد جاگيراڻي ڀاءُ کي چيو ته اوهان کي نمبر ڏيان ٿو اوهان جيئن پهچندا هو پاڻ اوهان کي وٺڻ لاءِ ايندا، گهر وارن فون تي ٻڌايو هو ته جيئن هو ڪرم پور لاڙو وٽ پهتا ته اُتي هڪڙو شخص موٽر سائيڪل تي بيٺو هو جنهن کي وڏا وار ۽ چشمو پاتل هيو، جنهن چيو ته گاڏي اندر نه هلندي هو ٻن ڀاتين کي موٽرسائيڪل تي وٺي ويو.
پنوعاقل:ڌاڙيل پاران زميندار کان ڀتو وصول، وڊيو وائرل
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ ڌاڙيل ياسين تيغاڻي زميندار وٽان اوڳاڙيل ڀتي جي پئسن جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، ڌاڙيل وڊيو ۾ ٻار جي ھٿ ۾ پئسا ڏئي نمائش ڪندو رھيو، ڌاڙيل نينگر کي وڌيڪ ٻين شھرين کي به ڪال ڪري ڀتو وٺڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو، ڌاڙيل وڊيو ۾ چئي رھيو آھي ته ھي ڀتي جا پئسا اسان رشيد سانگي کان اوڳاڙيا آھن، ياد رھي ته ڪجهه مھينا پھريان ڌاڙيل ياسين تيغاڻي زميندار رشيد سانگي کان فون ڪال ذريعي ھڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گھريو ھو، ڀتو نه ملڻ تي ڌاڙيل زميندار جي باغ مان انبن جا ڪيترائي وڻ وڍائي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ھيون، ڌاڙيل طرفان ڌمڪيون ملڻ بعد ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه به زميندار وٽ پھچي گھر ۽ باغ وٽ پوليس جي نفري مقرر ڪئي ھئي جڏھن ته ٻئي پاسي زميندار رشيد سانگي کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو
ڪشمور واسي ٻار بازياب نه ٿيو: ڪچي ۾ آپريشن، 4 شڪي گرفتار
ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور پوليس ايس ايس پي بشير بروهي جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، 4 ورھين جي مغوي محمد علي پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس سرچ آپريشن شروع ڪندي ڏوهارين ۽ انهن جي سھولتڪارن جا ٺڪاڻا تباهه ڪري 4 شڪي ماڻهو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪچي واري علائقي ۾ مغوي محمد علي پٺاڻ جي بازيابي لاءِ بڪتر بند گاڏين ريپڊ ريسپانس ٽيم ضلعي جي سڀني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز مددگار فائيٽرز جي مدد سان آپريشن جاري آهي، ڏوهارين جي ٿاڪن تان بغير نمبر پليٽ موٽرسائيڪلون لاوارث حالت ۾ ھٿ ڪيو ويون آهن جيڪا ڪشمور ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويون آهن
اغوا واقعو شڪارپور جي حد ۾ ناهي ٿيو، جاچ ڪئي پئي وڃي: ايس ايس پي شڪارپور
سکر: ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ موجب اغوا جو واقعو شڪارپور ٿاڻي جي حد ۾ پيش ناهي آيو، ٽيڪسي ڊرائيور خاندان جي سمورن ماڻهن کي ڪرمپور ڇڏيو هو، اغوا جو واقعو ڪنڌڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ پيش آيو آهي، سکر، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ گڏيل ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ پاران ڏنل ڪال رڪارڊ جي ڊيٽا مطابق جاچ ڪئي پئي وڃي، شڪ آهي ته اغوا جي واردات بعد جوابدار مغوين کي شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي طرف کڻي ويا آهن. مغوين جي باحفاظت بازيابي اسان جي ذميواري آهي
ٽنڊي ميرعلي واسي 2 مغوي نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويا
ٽنڊوميرعلي (ن پ ا) ٽنڊوميرعلي جي ڳوٺ چنگل خان ملڪ واسي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ٻه نوجوان وحيد علي ۽ راشد ملڪ هڪ مهينو گذرڻ بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن، ٻنهي نوجوانن کي سکر انڊس گيھه آئل مل ۾مزدوري ڪرڻ لاءِ ويندي رستي مان اغوا ڪيو ويو هو، ايس ايس پي سکر ڪارروائي ڪري ٻنهي نوجوانن کي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته مغوي وحيد ملڪ جو پيءُ پوليس اهلڪار صدمي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو هو