سکر واسي 9 مغوي بازياب نه ٿيا، وارثن جا مظاهرا، ڌرڻا

آڪٽوبر 1, 2024

سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي 5 ٻارڙن سميت 9 مغوين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران نيوپنڊ ۽ سکر  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مغوين جي وارثن اعجاز علي سيال، نعيم علي سيال، آچر پنهور، تاج محمد پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 9 ڏينهن اڳ ڪرمپور فيضو لاڙي ڀرسان رشتي لاءِ ويندڙ فهيم سيال، مجيب سيال، غزالا سيال، امبرين پنهور، ڪونج سيال، عائشا سيال، ثمرين پنهور، يوسف پنهور، سائرهه کوسو کي اغوا ڪيو ويو  هو، 9 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوين کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس وچ ۾ حدبنديءَ جو تڪرار ختم ناهي ٿيو، هن وقت تائين اهو فيصلو ناهي ٿيو ته مغوي ڪهڙي ضلعي جي حد مان اغوا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ اسان کان اڍائي ڪروڙ روپيا ڀُنگ طلب ڪيو آهي، اسان مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون، اسان وٽ ڌاڙيلن کي ڀُنگ ڏيڻ لاءِ ايتري رقم نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

ملير : اغوا ٿيل نوجوان 6 مهينن بعد ماٿيلي وٽان بازياب

ملير (رپورٽر) ملير جي وسندي گلشن حديد مان 6 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان فرهاد شڪيل ميرپورماٿيلو جي ڪچي مان بازياب ٿيڻ بعد ڪراچي پهچي ويو، گهر پهچڻ تي گهرڀاتي کيس ڀاڪر پائي چنبڙي ويا، گهر ڀاتين جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهي آيا، بازياب ٿيل 34 ورهين جي فرهاد شڪيل ”پنهنجي اخبار “ کي ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ مون کي نامعلوم گاڏي تي سوار هٿياربندن گلشن حديد وٽان اغوا ڪيو هو، اهي 6 مهينا پاڻ وٽ قيد ڪري تشدد ڪندا رهيا، بعد ۾ مون کي ٻين ڌاڙيلن وٽ وڪرو ڪيو ويو گذريل ڏينهن گهوٽڪي پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو، ڌاڙيل مون کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس جي فائرنگ جو آواز ٻڌي لڪي ويا، آئون  وجهه وٺي ڀڄي نڪتس، هن چيو ته ڌاڙيلن منهنجي تشدد واري وڊيو ٺاهي گهر وارن کي موڪلي ڀنگ گهريو  هو

ٺڪراٺي واسي 2 نوجوان هرکجي اغوا، 60 لک ڀنگ طلب

ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتاز مهر) ٺڪراٺو  واسي 2 نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا، ڌاڙيلن جو وارثن کي فون، 60 لک ڀنگ طلب، خبر  موجب ڳوٺ ڄام دلوش واسي مھتم برادري جا 2 نوجوان زبردست مهتم ۽ سخاوت مھتم عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويا آهن، نوجوانن جي موبائل فون تان ڌاڙيلن ڪال ڪري وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، مغوين جي وارثن الياس مهتم، علي حسن مهتم ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان گذريل ڏينهن سکر وڃڻ جو چئي گهران نڪتا هئا جن جا نمبر مسلسل بند هئا، صبح جو سوير نوجوانن جي نمبرن تان ڌاڙيلن فون ڪري 60 لک ڀنگ طلب ڪيو، هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون ايتري وڏي رقم ڪٿان آڻيون، ڊي ايس پي پنوعاقل پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٻئي نوجوان عورتاڻي آواز تي ھرکجي لوڪل سوارين وسيلي سکر  کان غوثپور جي ڪچي پهتا، جتان کين اغوا ڪيو ويو، سندن بازيابي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.

سکر واسي 9 مغوي بازياب نه ٿيا، وارثن جا مظاهرا، ڌرڻا

سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي 5 ٻارڙن سميت 9 مغوين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران نيوپنڊ ۽ سکر  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مغوين جي وارثن اعجاز علي سيال، نعيم علي سيال، آچر پنهور، تاج محمد پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 9 ڏينهن اڳ ڪرمپور فيضو لاڙي ڀرسان رشتي لاءِ ويندڙ فهيم سيال، مجيب سيال، غزالا سيال، امبرين پنهور، ڪونج سيال، عائشا سيال، ثمرين پنهور، يوسف پنهور، سائرهه کوسو کي اغوا ڪيو ويو  هو، 9 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوين کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور پوليس وچ ۾ حدبنديءَ جو تڪرار ختم ناهي ٿيو، هن وقت تائين اهو فيصلو ناهي ٿيو ته مغوي ڪهڙي ضلعي جي حد مان اغوا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ اسان کان اڍائي ڪروڙ روپيا ڀُنگ طلب ڪيو آهي، اسان مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون، اسان وٽ ڌاڙيلن کي ڀُنگ ڏيڻ لاءِ ايتري رقم نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

دادلغاري واسي نوجوان اغوا ناهي ٿيو، ڊرامو رچايو ويو: پوليس دعويٰ

دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري ويجھو ڪينجھر پتافي واسي نوجوان نظير مارواڙي جي اغوا وارو معاملو، گھوٽڪي پوليس نوجوان جي اغوا واري واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان نظير مارواڙي کي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو، سندس ڀاءُ ڪوڙو ڊرامو رچائي پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته نظير کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي، پوليس موجب جديد ٽيڪنالوجي ذريعي نظير مارواڙي جي جاچ ڪئي وئي، جنھن تي خبر پئي ته 2 مھينا اڳ نظير مارواڙي گھران بنا اطلاع جي پنجاب ويو، جتان ھو ڪراچي نڪري ويو، ٻن مھينن کان ھو ڪراچي ۾ موجود آھي، علائقي واسين جو قرضي ھجڻ ڪري نظير مارواڙي جي ڀاءُ اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچايو، هوڏانهن مغوي جي ڀاءُ ڪوڙو مارواڙي جو چوڻ آهي ته نظير اغوا ٿيل آھي، ڪو به ڪوڙو ڊرامو ناھي رچايو، نظير مٿان ڪو به قرض ناھي، ڌاڙيلن سندس بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آھي، هن ڀاءُ کي بازياب ڪرئڻ جو مطالبو ڪيو

Leave A Comment