مخصوص سيٽون حڪومت وٽ رهنديون يا اپوزيشن کي ملنديون؟: سپريم ڪورٽ پاران فيصلو محفوظ: سني اتحاد جي سيٽ نٿي ٺهي: چيف جسٽس

جُولاءِ 9, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽون حڪومت وٽ ئي رهنديون يا مخالف ڌر کي ملنديون؟ سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو آهي ته متناسب نمائندگي جي حساب سان ته سني اتحاد ڪائونسل کي زيرو سيٽ ملڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن جي آئيني ذميواري پوري نه ڪئي، 2018 جي چونڊن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي ڪا به سيٽ نه کٽي هئي، ان باوجود بي اي پي کي 3 مخصوص سيٽون مليون، اليڪشن ڪميشن پنهنجن ئي دستاويزن جي نفي ڪري رهي آهي، ڇا اها بي ايماني نه آهي؟ چيف جسٽس چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ 2018ع جي چونڊن کي کولي ۽ نوٽيس وٺي؟ يعني 2018 ۾ اليڪشن ڪميشن ٺيڪ هئي؟ ڇا سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي تشريح جي پابند آهي؟ توهان کي شرمندو ڪرڻ نه ٿو چاهيان، ڇا 2018 جون چونڊون درست هيون؟ سني اتحاد ڪائونسل ڪا به سيٽ ناهي کٽي، ان حساب سان ته ڪا به مخصوص سيٽ نه ملڻ گهرجي، سني اتحاد جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏنا ته ڇا 18 جنرل سيٽون کٽيندڙ کي 30 مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ چيف جسٽس چيو توهان جي دليل موجب ته توهان کي ٻڙي سيٽ ملڻ گهرجي، ڇو ته توهان ڪا سيٽ کٽي ئي ناهي، توهان سڀ ڳالهيون پنهنجي خلاف ڪري رهيا آهيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنول شوزب وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته آزاد اميدوار ڊڪلير ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ڪوئي آپشن نه هو، اليڪشن ڪميشن رڪارڊ لڪائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن جا عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويز ڀروسي جوڳا نه آهن، تحريڪ انصاف جي نظرياتي واري ٽڪيٽ به واپس ورتي وئي هئي، اليڪشن ڪميشن غلط فيصلي ذريعي پي ٽي آءِ جي کٽيل اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو، آزاد قرار ڏنل اميدوارن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ سامهون رڪارڊ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ سياسي پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪيو ڇا اهڙي عمل کي سپريم ڪورٽ کي نه ڏسڻ گهرجي؟ سچ نٿو ڳالهايو وڃي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪو 2018ع ۾ ن ليگ سان ٿيو اهو ئي اڄ پي ٽي آءِ سان ٿي رهيو آهي، ووٽ جي حق تي ڪير نٿو ڳالهائي، ڳالهه سياسي پارٽي جي نه پر عوام جي ووٽ جي حق جي آهي، عوام هڪ مخصوص سياسي پارٽي کي ووٽ ڏنو، هڪ پارٽي کي ووٽ مليو جنهن کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪيو ويو، ڇا اهو چوڻ درست هوندو ته چونڊون شفاف هيون؟سڀ معمول موجب هو، اليڪشن ڪميشن بطور ادارو پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو. چيف جسٽس چيو ته پهريان نظرياتي جي ڊڪليئريشن ڏني پوءِ پوءِ پي ٽي آءِ ۽ هاڻ سني اتحاد ڪائونسل سان جڙڻ جو چئي رهيا آهيو، ٻڌايو ڪهڙي پارٽي کان آهيو؟ جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نه گهرجن؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل جون ٺهن ٿيون، پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ جنرل سيٽ هجڻ کي لازمي قرار ڏيڻ غيرآئيني آهي، عدالت آئين تي عملدرآمد لاءِ ڪو به حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي چيو ته مشاورت بعد فيصلو ٻڌائينداسين، فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Comment