سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو اڄ به نه ٿي سگھيو

فيبروري 27, 2024

پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي حصي جون مخصوص سيٽون پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڏنيون وڃن: اليڪشن ڪميشن ۾ سني اتحاد ڪائونسل خلاف داخل ڪرايل 6 درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل علي ظفر چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ اسان جون سيٽون وٺڻ چاهين ٿيون ته سامهون اچن، پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن کي چئلينج ڪيو آهي، اسان روڪيل مخصوص سيٽون پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ کي ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، نون ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل آخري تاريخ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ مخصوص سيٽن لاءِ ڪا فهرست ئي جمع نه ڪرائي، جڏهن فهرست ئي جمع نه ڪرائي ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڪيئن ٿيون ڏئي سگهجن؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن هن معاملي تي سمورين ڌرين کي ٻڌندي، علي ظفر چيو ته قانون، آئين ۽ انصاف موجب مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، اعظم نذير تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل قومي اسيمبلي ۾ هڪ به سيٽ نه کڻي سگهي آهي، عوام ان کي اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏيو، اهڙي پارٽي ۾ آزاد اميدوارن کي گڏ ڪري مخصوص سيٽون ڪيئن ٿيون ڏئي سگهجن؟ اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي درخواست آهي ته اهي مخصوص سيٽون هنن ۾ ورهايون وڃن، علي ظفر چيو ته مون کي درخواستن جون ڪاپيز ڏيو سڀاڻي مان انهن تي دليل ڏيندس، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment