سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن وارو مامرو،سپريم ڪورٽ 13 ججز تي ٻڌل فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي

مَي 31, 2024

سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ سمورن موجود 13 ججز تي ٻڌل فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڙيل فل ڪورٽ 3 جون تي ٻڌڻي هلائيندي، مخصوص سيٽن واري معاملي جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جو فيصلو پريڪٽس ۽ پروسيجر ڪميٽي پاران ڪيو ويو، 6 مئي تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪرڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي به ساڳئي فيصلي کي معطل ڪيو هو

Leave A Comment