سني اتحاد ڪائونسل جو بابر سليم سواتي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو
فيبروري 29, 2024
سني اتحاد ڪائونسل جو بابر سليم سواتي 89 ووٽ کڻي خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جي احسان الله ميان خيل کي 17 ووٽ مليا، اسپيڪر جي چونڊ لاءِ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ 106 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، نئين چونڊيل اسپيڪر بابر سليم اسپيڪر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، بابر سليم کي اسپيڪر مشتاق غني حلف کڻايو