سني اتحاد 77 مخصوص سيٽن کان محروم، اليڪشن ڪميشن پاران درخواست رد: فيصلو چيلنج ڪنداسين: پي ٽي آءِ جو اعلان

مارچ 5, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 77 مخصوص سيٽون نه ملنديون، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو 4 هڪ جي تناسب سان جاري ڪيو ويو، فيصلي ۾ اي سي پي چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، چونڊن کان اڳ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ فهرست جمع ڪرائڻ لازمي آهي، پر سني اتحاد ڪائونسل درخواست جمع نه ڪرائي، مخصوص سيٽن جي فهرست چونڊن کان اڳ جمع ڪرائڻ قانوني گهرج آهي، سني اتحاد پاران وقت سر فهرست جمع نه ڪرائڻ قانوني نُقص آهي، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن، سني اتحاد ڪائونسل جي ڪوٽا جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر پاران سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏيڻ واري اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو ويو، ميمبر بابر حسن ڀروانا پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته چئني ميمبرز جي اِن فيصلي سان اتفاق ڪريان ٿو ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن، پر اهي مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ به ورهائي نٿيون سگهجن، آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهي سيٽون خالي رکيون وڃن، آرٽيڪل 106 ۾ واضح آهي ته سياسي پارٽين کي کٽيل جنرل سيٽن جي حساب سان مخصوص سيٽون ملنديون. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪرڻ بعد سني اتحاد ڪائونسل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 77سيٽن کان محروم ٿي وئي، قومي اسيمبلي ۾ عورتن جون 20 مخصوص سيٽون نه ملنديون جنهن ۾ پنجاب مان 12، ڪي پي مان 8 سيٽون شامل آهن جڏهن ته 3 اقليتي سيٽون به نه ملنديون، سني اتحاد ڪائونسل کي پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 ۽ 3 اقليتون سيٽون نه ملي سگهنديون، ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن جون 21، اقليتن جون 4 سيٽون نه ڏنيون وينديون، سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون ٻه سيٽون به نه ڏنيون وينديون. هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرآئيني ۽ جمهوريت خلاف قرار ڏيندي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اپيل تي فيصلي تائين سينيٽ ۽ صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سينيٽ اجلاس ۾ خطاب دوران پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته فيصلي ۾ ظاهر ٿيو آهي ته اي سي پي پنهنجي فرض جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، آئين موجب آزاد اُميدوار ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿين ته اُن پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن مان اسان کي 23 سيٽون ملڻيون هيون، پر اعلان ٿيو آهي ته اهي سيٽون نه ملنديون، فيصلي سان سينيٽ ۽ صدارتي چونڊن ۾ اسان کي نقصان ٿيندو، اي سي پي جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو، حتمي فيصلي تائين صدارتي ۽ چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ اهي چونڊون به قبول نه هونديون، علي ظفر پاران اليڪشن ڪميشن کان استعيفا جو مطالبو به ڪيو ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض