سني اتحاد کي مخصوص سيٽون ملنديون؟ فل ڪورٽ جي مشاورت مڪمل، اڄ فيصلي جو امڪان
جُولاءِ 11, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي اڄ فيصلو اچڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فُل ڪورٽ اجلاس دوران فيصلي بابت مشاورت مڪمل ڪئي وئي، مخصوص سيٽن واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ججز جو اجلاس ٿيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت 13 ججز جي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس جي محفوظ ڪيل فيصلي تي مشاورت ڪئي، سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ گذريل ڏينهن مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽس نه ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو هو، سني اتحاد ڪائونسل پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، فل ڪورٽ اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس نعيم افغان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اظهر حسن رضوي شريڪ ٿيا، سني اتحاد جي مخصوص سيٽن واري ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي.