سپر هاءِ وي کي موٽر وي ۾ بدلائڻ سان مسئلا ٿيا، اين ايچ اي الڳ موٽروي ڇو نٿي ٺاهي؟ هاءِ ڪورٽ

آگسٽ 29, 2024

ڪراچي( رپورٽ: عرفان شاهه )  سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم 9 موٽروي جي چوڌاري رهندڙ رهواسين، هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن کي رسائي نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ريمارڪس ڏنا ته درخواستن تي مناسب حڪم نامو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو،  ڪيس جي ٻڌڻي دوران اين ايچ اي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪهڙي معاهدي تحت موٽر وي جي زمين اين ايچ اي کي ڏني آهي؟ ڪو معاهدو ٿيو آهي جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ايم 9 موٽر وي اصل ۾ سپر هاءِ وي آهي، روڊن ۽ بنيادي سهولتن فراهمي رياست جي زميواري آهي، سپر هاءِ وي تي ريسٽورنٽ ۽ پيٽرول پمپ اڳ ۾  ئي موجود هئا،سپر هاءِ وي جا قانون مختلف هئا، سنڌ حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ زمين جو معاملو الڳ آهي، ڪنهن به پرايئويٽ شخص جي روڊ تائين رسائي  روڪي نٿي سگهجي، جنهن تي  عدالت چيو ته سپر هاءِ وي کي موٽر وي ۾ تبديل ڪرڻ سان اهو مسئلو ٿيو آهي، اين ايچ اي پنهنجي معيار مطابق موٽروي ڇو نٿي ٺاهي؟  ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته ٽول پلازا ٻن شهرن وچ ۾ ٺهڻ گهرجي، ايم نائين جو زيرو پوائنٽ شهر اندر موجود آهي، جنهن تي عدالت چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو مامرو ڪونسل آف ڪمپلين ۾ طئه  ٿيڻ گهرجي يا وري موٽروي کي ٻيهر سپر هاءِ وي ۾ تبديل ڪيو وڃي، جيڪڏهن جي ٽي روڊ تي هڪ لائين وڌائي انهي کي موٽروي ۾ تبديل ڪيو  وڃي ها ته شهرن جو ڪهڙو حال ٿي ها؟  اين ايچ اي جي وڪيل چيو ته اوور هيڊ پلن ذريعي شهرين کي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن،  عدالت چيو ته هر روڊ تي ٽول بوٿ ٺاهيا ويا آهن، عوام کي فري روڊ ڪٿي به نٿو ملي، اين ايچ اي جي وڪيل چيو ته ايم 9 تي 40 ارب رپين جي نجي سيڙپ ٿي آهي، وفاقي حڪومت موٽروي ٺاهڻ لاءِ رڳو زمين فراهم ڪندي آهي،  عدالت چيو ته ايم 9 تي ڪا به نئين پل ناهي ٺاهي وئي، روڊ مٿان روڊ ٺاهي 40 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اين ايچ اي جي وڪيل چيو ته  ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ متبادل موٽروي منصوبو غور هيٺ آهي، چيني ۽ پاڪستاني انتظاميا منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن،  عدالت چيو ته هر صوبي ۾ موٽرويز آهن پر سنڌ ۾ ناهن،80 سيڪڙو بجيٽ لنڪ روڊن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي اين ايچ جي وڪيل چيو ته بحريا ٽائون جي رهواسين کان ٽول ٽيڪس نه پيا وٺون، عدالت چيو ته حيدرآباد ميرپور خاص روڊ ٽول ٽيڪس فري هو، انهي کي ايڪسپريس وي ٺاهي ٽول ٽيڪس جي وصولي شروع ڪئي وئي، اين ايچ اي چيئرمين پنج سال اڳ حلفيا بيان جمع ڪرايو هو ته پراڻو ٽول ختم ڪري ڇڏينداسين، اسان  ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌي ڇڏيا آهن،  درخواستن تي مناسب حڪم نامو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

Leave A Comment