سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي ورڇ جج جي نگراني ۾ڪرڻ جو اعلان: شروعات ڄامشوري کان ٿيندي
جُولاءِ 29, 2024
ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي 47 لک شاگردن لاءِ ساڍا 3 ڪروڙ ڪتاب ڇپرائڻ جي دعوي، 31 جولاء کان ڪتابن جي ورڇ سيشن جج جي نگراني ۾ شروع ٿيندي، ان حوالي سان سنڌ ٽيڪيسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان وٽ ڪتابن جي ڇپائي جو سلسلو سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ٿيندو آھي پر هيل عدالتن ۾ ھلندڙ ڪجهه ڪيسن ۽ ٻين سببن ڪري مارچ کان ڪتابن جي ڇپائي جو سلسلو شروع ٿيو، ھن وقت تائين 80 سيڪڙو ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، ڪتابن جي ورھاست وارو عمل 31 جولاء کان شروع ٿيندو، ڪتاب ضلعن تائين پهچائڻ لاءِ گاڏين جو ٺيڪو به ٿي ويو آھي، ڪراچي ۽ ڄامشوري وارن گدامن مان ڪتاب ڏينداسين، 31 جولاءِ تي رڳو ڄامشوري ضلعي جا ڪتاب ڏنا ويندا۔ ڪراچي جي گدام مان ڪراچي، ٺٽي ـ سجاول، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص سميت 13 ضلعن ۽ ڄامشوري مان 17 ضلعن ڏانهن ڪتاب ڏينداسين، سان تعليم کاتي جي سمورن ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کي آگاھي ڏئي ڇڏي آھي۔ هن چيو ته ڪتابن جا 47 لک سيٽ آھن، ڪتابن جو مجموعي تعداد ساڍا ٽي ڪروڙ آھي، هيل ڪتابن جي کوٽ نه ٿيندي ڪتاب جي ورھاست سيشن جج منومل کڳيجا جي نگراني ۾ ٿيندي، اھو ھاءِ ڪورٽ جو حڪم آھي۔