سپريم ڪورٽ عدالتي معاملن ۾ مبينه مداخلت بابت 6 ججز جي خط تي هاءِ ڪورٽ جون تجويزون پڌريون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اپريل 30, 2024

سپريم ڪورٽ عدالتي معاملن ۾ مبينه مداخلت بابت 6 ججز جي خط تي هاءِ ڪورٽ جون تجويزون پڌريون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته جڏهن هر شيءِ ميڊيا تي هلي رهي آهي ته پوءِ اسان به پبلڪ ڪري ٿا ڇڏيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز واري خط بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ججن جي مقرري لاءِ اسان جڏهن ڳجهن ادارن کان رپورٽون گهرايون ٿا ته اسان پاڻ هنن کي مداخلت جو موقعو ڏيون ٿا، جڏهن توهان مانيٽرنگ جج لڳرائيندئو ۽ جي آءِ ٽيز ۾ هنن کي شامل ڪندئو ته پوءِ هنن کي مداخلت جو موقعو ملندو، جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن منهنجي ڪم ۾ مداخلت ٿئي ۽ روڪي نه سگهان ته پوءِ مون کي گهر وڃڻ گهرجي، ڪير پنهنجي مرضي هن عدالت تي مڙهڻ چاهي ٿو ته اها به مداخلت آهي، مداخلت اندران به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻاهران به ٿي سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته مداخلت حساس ادارن، توهان جي ساٿين، توهان جي فيملي، سوشل ميڊيا ۽ ڪٿان به ٿي سگهي ٿي، مداخلت ڪهڙي به قسم جي هجي ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي، اسان ڪنهن سياسي قوت يا ڪنهن مخصوص ايجنسي لاءِ هيراڦيري ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان وڪيلن ۽ حڪومت کي به ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، ڇا اسان جي ماتحت بارز جا صدر ججن سان چيمبرز ۾ نه ٿا ملن؟ ڇا اها عدليه جي آزاديءَ ۾ مداخلت نه آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽس چئي رهيون آهن ته اسان سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، ڪجهه ڪيو، چيف جسٽس چيو ته سموريون هاءِ ڪورٽس نه پيون چون، سپريم ڪورٽ مان هاءِ ڪورٽس ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر ٻڌڻي 7مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment