سپريم ڪورٽ بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
مارچ 18, 2024
سپريم ڪورٽ بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رڳو 6 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار، پي بي 50 قلعه عبدالله تان اي اين پي جو اميدوار زمرد خان ڪامياب ٿيو هو، زمرد خان جي ڪاميابي کي جي يو آءِ جي ملڪ نواز اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن رڳو 6 پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي زمرد خان سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ زمرد خان جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، سپريم ڪورٽ ٻنهي ڌرين جي اتفاق راءِ بعد صوبائي تڪ تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو