سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ کان روڪڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو
آگسٽ 20, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف وفاقي سرڪار جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 مئي تي ٽيليڪام ڪمپنيز کي سرويلينس لاءِ فون ريڪارڊنگ، واهپيدارن جي ڊيٽا تائين رسائي ۽ ان جي استعمال کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي جسٽس امين الدين پڇيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ اهو تعين ڪيو آهي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪير رهيو آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اڃا تائين اهو تعين نه ٿي سگهيو آهي، جاچ جاري آهي، جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ۾ چيو ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ سچائي تائين ڪير به پهچڻ نه ٿو چاهي، سچ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن ٺهي، سپريم ڪورٽ مان اسٽي ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ تائين ٻيهر آڊيو ليڪس ڪيس مقرر ئي نه ٿيو آهي، پارليامينٽ سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي روڪيو ويو، نه پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو ۽ نه عدالت کي ته پوءِ سچ سامهون ڪيئن ايندو؟ جسٽس امين الدين چيو ته ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته جن سان ڳالهه ڪئي پئي وڃي آڊيو انهن ئي ليڪ ڪئي هجي، ڇا ان پاسي کي ڏٺو ويو آهي؟ اڄڪلهه ته هر موبائيل فون ۾ ريڪارڊنگ جو سسٽم موجود آهي، سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جون اپيلون منظور ڪندي بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 29 مئي ۽ 25 جون جا حڪم اختيارن کان مٿانهان آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار نه آهي، سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي درخواست تي آڊيو ليڪس ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪندي بشريٰ بي بي ۽ نجم الثاقب کي به نوٽِس جاري ڪري ڇڏيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته 29مئي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمنامي ۾ اٿارٽيز کي فون ٽيپنگ کان روڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ جي حڪمنامي جي ڪري ايجنسيز ڪائونٽر انٽيليجنس نه پيون ڪري سگهن، ڪنهن دهشتگرد کي به هاڻي پڪڙي نٿا سگهن،آءِ ايس آءِ، آءِ بي کي فون ٽيپنگ کان روڪيو ويو، سي ڊي آر کان به روڪيو ويو.