سپريم ڪورٽ پاران ڪينٽونمينٽ بورڊز جون اوڳاڙيون واپس ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو فيصلو

مارچ 18, 2024

سپريم ڪورٽ پاران ڪينٽونمينٽ بورڊز جون اوڳاڙيون واپس ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو فيصلو، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنٽونمينٽ بورڊز 1958 جي ايڪٽ تحت ٽيڪس اوڳاڙي سگهندا، عدالت چيو آهي ته هيل تائين گڏ ڪيل ٽيڪسز واپس ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر برقرار رهندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاق جي اپيل تي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته ڪينٽ بورڊز جا ٽيڪس اوڳاڙڻ صوبائي نه پر وفاقي معاملو آهي، 1958 جي پراپرٽي ٽيڪس واري قانون تي 1979 ۾ هڪ صدارتي آرڊر جاري ٿيو هو، 1985 ۾ ضياءُ الحق اٺين ترميم ذريعي ان صدارتي آرڊيننس کي تحفظ ڏنو هو، 2010 ۾ ارڙهين ترميم ۾ به ان معاملي کي نه ڇيڙيو ويو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت قانونسازي ڪري ان قانون کي صوبائي معاملو ڇو نه ٿي بڻائي ڇڏي؟ توهان کي ان قانون ۾ رڳو هڪ لائين جو اضافو ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کي سنڌ حڪومت کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي

Leave A Comment