سپريم ڪورٽ پاران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم
جُون 7, 2024
سپريم ڪورٽ ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف اپيل ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف داخل اپيل تي عدالت جي طلبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت طلبي جو اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت طلبي جو نوٽيس قاسم سوري جي گهر ٻاهران لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رڪارڊ موجب قاسم سوري جي ڀاءُ بلال نوٽيس وٺڻ کان انڪار ڪيو، قاسم سوري ڄاڻي واڻي پيش نه ٿي رهيو آهي، نوٽيس وٺڻ کان انڪار افسوسناڪ آهي