سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي معافيءَ واري استدعا رد ڪري ڇڏي
جُون 5, 2024
سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي معافيءَ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، فيصل واوڊا کي هفتي اندر جواب ڏيڻ جو حڪم، توهين آميز پريس ڪانفرنس نشر ڪرڻ تي ٽي وي چينلز کي به نوٽيس جاري، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، توهين عدالت جي نوٽيس تي فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال عدالت آڏو پيش ٿيا، مصطفيٰ ڪمال عدالت کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي، سندس وڪيل فروغ نسيم چيو ته اسان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ غير مشروط معافي ورتي آهي، مصطفيٰ ڪمال پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏي رهيو آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا مصطفيٰ ڪمال فيصل واوڊا کان متاثر ٿي پريس ڪانفرنس ڪئي؟ وڪيل فروغ نسيم چيو ته اهڙي ڳالهه نه آهي، چيف جسٽس چيو ته مصطفيٰ ڪمال سمجهي ٿو ته توهين عدالت ناهي ڪئي ته پوءِ معافي ڇو گهري رهيو آهي؟ اوهان ڊرائنگ روم ۾ ڳالهايو ها ته ٻي ڳالهه هئي، پارليامينٽ ۾ به ڳالهائڻ تي ڪجهه تحفظ حاصل هجي ها، اوهان پريس ڪلب ۾ ڳالهايو، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته عدليا کي ڊيڄاري ڌمڪائي مرضي جا فيصلا وٺنداسين، چيف جسٽس پاران پڇاڻو ڪرڻ تي فيصل واوڊا جو وڪيل معيز احمد روسٽرم تي اچي ويو، چيف جسٽس چيو ته فيصل واوڊا صاحب اوهان ته سينيٽ جا ميمبر آهيو، سينيٽ ميمبرن کي ته وڌيڪ مهذب تصور ڪيو وڃي ٿو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته فيصل واوڊا معافي گهري ٿو يا نه؟ وڪيل معيز احمد چيو ته اسين مشاورت کانپوءِ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪنداسين، عدالت فيصل واوڊا کان ٻيهر هڪ هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو، عدالت توهين واري پريس ڪانفرنس نشر ڪرڻ تي ٽي وي چينلز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻن هفتن اندر جواب طلب، ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي