سپريم ڪورٽ مان عمران خان جي تصوير وائرل ڪرڻ جي جاچ شروع

مَي 16, 2024

سپريم ڪورٽ انتظاميا وڊيو لنڪ ذريعي پيشي وقت پي ٽي آءِ باني جي تصوير ڪڍي وائرل ڪرڻ جي جاچ شروع ڪري ڏني، ذريعن موجب انتظاميا پاران سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو ريڪارڊ ڏسي تصوير وائرل ڪندڙ جي نشاندهي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني جي تصوير ڪورٽ روم جي رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي ورتي وئي، تصوير وائرل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو سائيز گهٽائي وئي

Leave A Comment