سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي: عمران خان اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش
جُون 6, 2024
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف وفاقي سرڪار جي اپيلن تي ٻڌڻي هلائي رهي آهي، چيف جسٽس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل ۽ عدالتي معاون خواجا حارث کان سوال ڪيو ته نيب ترميمن سان ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي؟ خواجا حارث چيو ته نيب ترميمون آئين جي آرٽيڪل 9، 14، 25 ۽ 24 جي ڀڃڪڙي آهن، نيب ترميمون ان ڪري ويون جو ڪجهه مخصوس سياسي اڳواڻ جيل ۾ هئا، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته رڳو سياستدانن کي نيب جي دائره اختيار ۾ ڇو رکيو ويو اهو سمجهه کان ٻاهر آهي