سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جي ٻڌڻي: نوازليگ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ  جي مخالفت 

جُون 3, 2024

سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نوازليگ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته ان جو مطلب سياسي جماعتون پاڻ وٽ مخصوص سيٽون رکڻ چاهين ٿيون، جسٽس منيب اختر چيو ته ڪا به سياسي جماعت آئين تحت اضافي مخصوص سيٽون نه ٿي رکي سگهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کان ڪا غلطي ٿي به هئي ته اليڪشن ڪميشن کي اها غلطي درست ڪرڻ گهرجي ها، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته سيٽون پي ٽي آءِ کي ملنديون سني اتحاد ڪائونسل کي نه، عوام ڪنهن آزاد اميدوار کي نه پر سياسي جماعت جي نامزد ماڻهن کي ووٽ ڏنا، ڇا اليڪشن ڪميشن جي ذميواري نه آهي ته هر سياسي جماعت جي حقن جو خيال رکي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن هڪ جماعت سان ڌار رويو اختيار ڪري سگهي ٿي؟

Leave A Comment