سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اپريل 1, 2024

سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، پرنسپل سيٽ اسلام آباد تي موجود سمورن ججز تي ٻڌل بينچ جوڙي وئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ججز جي خط واري معاملي جي 3 اپريل اربعا جي ڏينهن ٻڌڻي هلائيندي، بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جا الزام هڻندي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن خط لکيو هو، ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ رٽائرڊ جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ هڪ رڪني انڪوائري ڪميٽي به جوڙي وئي آهي

Leave A Comment