سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي واري فيصلي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو
مارچ 22, 2024
سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي واري فيصلي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، برطرفي جو صدر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار، عمر جي حد پوري ٿيڻ سبب جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي رٽائرڊ جج تصور ڪيو ويندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته ڪيس دير سان مقرر ٿيڻ سبب شوڪت صديقي جي عمر 62 سال مڪمل ٿي چڪي آهي، عمر پوري ٿيڻ جي ڪري شوڪت صديقي کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي، شوڪت صديقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج طور پينشن سميت سمورين مراعتن جو حقدار هوندو، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس شوڪت صديقي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، صدر عارف علوي آڪٽوبر 2018 ۾ شوڪت صديقي کي برطرف ڪيو هو