سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو
مَي 6, 2024
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن لاءِ داخل ڪرايل اپيل تي ٻڌڻي هلائي، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪنداسين، سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون منظور ڪري رهيا آهيون، هڪ سوال اهو آهي ته ڇا ورهايل سيٽون ٻيهر ورهائي سگهجن ٿيون؟ ٻيو سوال اهو ته مخصوص سيٽون ان لاءِ ورهايون ويون ته هائوس پورو هجي، ان ۾ ڪٿي غلطي آهي، وفاقي حڪومت پاران 3 رڪني بينچ تي اعتراض واريندي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اپيلون لارجر بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ اعتراض رد ڪري ڇڏيو، اٽارني جنرل چيو ته ڪنهن به اميدوار سياسي جماعت جوائن نه ڪئي هئي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا آزاد اميدوارن جون سيٽون ٻين سياسي جماعتن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون؟ ٻين جماعتن کي ڪهڙي قانون تحت سيٽون ڏنيون ويون؟ عدالت سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهائڻ وارا پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا، آئيني ماهرن موجب عدالت جي هن فيصلي سان نواز ليگ ۽ سندس اتحادي جماعتن جي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به معطل ٿي وئي آهي، حڪمران اتحاد هاڻي چيف جسٽس ۽ ججز جي مقرري بابت ڪي به آئيني ترميمون نه ڪري سگهندو