سپريم ڪورٽ تڪڙا فيصلا ٻڌائڻ جو اصول پاڻ تي نه لڳائي ته اهو افسوس ناڪ آهي: چيف جسٽس

جُولاءِ 26, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تڪڙا فيصلا ٻڌائڻ جو اصول پاڻ تي نه لڳائي ته اهو افسوس ناڪ آهي. ان ڏس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو جسٽس اطهر من الله جي فيصلي تي جزوي اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي، اختلافي نوٽ مطابق پاڪستان هڪ وفاق آهي، جنهن جي هر صوبي جي هاءِ ڪورٽ مڪمل آزاد آهي. اهڙو ڪو آئيني تقاضو ناهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻي هاءِ ڪورٽ تي بائينڊنگ هجي. سپريم ڪورٽ شاهه تاج شوگرمل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو جزوي اختلافي نوٽ به شامل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته آرٽيڪل 201 تحت ڪنهن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻئي هاءِ ڪورٽ تي بائيڊنگ ناهي، جسٽس اطهر من الله فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻئي هاءِ ڪورٽس تي بائينڊنگ آهي، پاڪستان هڪ وفاق آهي جنهن جي هر صوبي جي هاءِ ڪورٽ آزاد آهي. اهڙو ڪو آئيني تقاضا ناهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻئي هاءِ ڪورٽ تي بائنڊنگ هجي، نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۽ روايت جي تقاضا آهي ته ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي عدالت جلد ڪيس جو فيصلو ڏئي. شاهه تاج شوگر مل ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر 2023 تي مڪمل ٿي وئي. شاهه تاج شوگر مل ڪيس جو فيصلو لکڻ جي ذميواري جسٽس اطهر من الله کي سونپي وئي.  فيصلو لکڻ ۾ 223 ڏينهن لڳي ويا. اختلافي نوٽ مطابق مناسب وقت تي فيصلو ٻڌائڻ انصاف جي فراهمي جو اڻٽر جز آهي. سپريم ڪورٽ خاص ٽائيم فريم ۾ فيصلو ڏيڻ جي عدالتن کي حڪم جاري ڪيل آهي. قابل افسوس هوندو ته سپريم  ڪورٽ جلد فيصلو ٻڌائڻ جي اصول کي پاڻ تي لاڳو نه ڪري. اڪثر حوالو ڏنو ويندو آهي ته انصاف ۾ تاخير ناانصافي آهي. حوالو ڏنو ويندو آهي ته تيز انصاف سڀ کان پيارو، انصاف ۾ تاخير انصاف سان انڪار جي مترادف آهي. آئين جلد انصاف جي تقاضا ڪري ٿو. ججز پنهنجي پاڻ کي جوابده آهن. اسان کي احتياط سان ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو