سيد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

فيبروري 26, 2024

سيد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو، ايم ڪيو ايم جي اميدوار علي خورشيدي کي 36 ووٽ مليا، مراد علي شاهه ڪٽنب جي ڀاتين سميت ايوان ۾ پهتو ته سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي، گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا هئا، اڄ نادر مگسي جي حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو، نادر مگسي جيپ ريلي ۾ شرڪت سبب ايم پي اي طور حلف نه کڻي سگهيو هو، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو، سردار شاهه، محمد بخش مهر، ايم ڪيو ايم جي عبدالوسيم ۽ جماعت اسلامي جي محمد فاروق مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون

Leave A Comment