تلهار تعلقي اسپتال جو ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي هڪ سال کان غائب
آگسٽ 28, 2024
تلهار(رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلهار تعلقي اسپتال جي نئين تعمير ٿيندڙ عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار گذريل هڪ سال کان ڪم بند ڪري غائب ٿي ويو. 15ڪروڙن جي لاڳت سان 6 مهينن ۾ عمارت مڪمل ٿيڻي هئي جنهن جو هيل تائين صرف ڍانچو اڀو ٿي سگهيو آهي. جڏھن ته پراڻي زبون حال عمارت ۾ روزانو هڪ هزار کان وڌيڪ ٻار، سئو مريض مختلف بيمارين جو علاج ڪرائڻ اچن ٿا، ان سان گڏ حيدرآباد، بدين هاءِ وي، ٽنڊو باگو روڊ ۽ راڄوخاناڻي روڊ تي ٿيندڙ حادثن جي زخمين جو علاج پڻ ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن ڊي ايچ او بدين ڊاڪٽر انجم سومرو اسپتال جي معائيني دوران صحافين کي ٻڌايو ته هن عمارت جو ڪل ٺيڪو 15 ڪروڙن جو منظور ٿيو هو جنهن ۾ هي عمارت مڪمل ٿيڻي هئي پر ٺيڪيدار چوي ٿو ته15 ڪروڙ خرچ ٿي چڪا آهن اسان ڊي سي بدين معرفت انڪوائري ڪرائي رهيا آهيون ته ڏسجي ته موجوده تعمير ٿيل عمارت تي ڪل گهڻي لاڳت اچي چڪي آهي .جڏھن ته ذريعن موجب اهو معلوم ٿيو آهي ته ٺيڪيدار يونس ڀٽي سنڌ سرڪار کان 50ڪروڙ اضافي طلب ڪيا آهن ته جيئن اسپتال مڪمل ٿي سگهي.جڏھن ته پي پي ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسپتال جو ڪم پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ کاتي جي سستي سبب رڪيل آهي آئون ايندڙ اجلاس ۾ سي ايم صاحب اڳيان سمورو معاملو رکندس ته آخر هن اسپتال جي عمارت جو ڪم ڇو نٿو مڪمل ٿئي. ٻئي طرف فون تي ٺيڪيدار سان رابطو ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ته اهو بلڪل درست آهي ته عمارت جو ٺيڪو 15 ڪروڙن جو هو، پر جيڪو پلاٽ مونکي ڏنو ويو اهو روڊ کان 9 فٽ ھيٺ ھو جنهن جي مون ڀرائي ڪرائي هڪ مڪمل فلور تعمير ڪري عمارت کي روڊ کان 3 فٽ مٿي ڪيو جيڪو واسطيدار انجينيئرن جي چوڻ تي ڪيو ويو. جڏھن هڪ مڪمل فلور جي رقم مٽي اندر بند ٿي ويئي ته باقي 2منزلون ڪٿان تعمير ٿينديون. جڏھن ته هن وقت منهنجي ڪال ڊپازٽ، ٽيڪنيڪل سيڪشن جي مد ۾ سوا ڪروڙ کان مٿي رقم سنڌ سرڪار وٽ ڦاٿل آهي. باقي هن ڪم جون ٽي انڪوائريون ٿي چڪيون آھن هنن کي جيتريون انڪوائريون ڪرڻيون آهن ڪن پر ڪم جيستائين روائيز نه ٿيندو هي عمارت مڪمل ٿي نه سگهندي.