پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن

مارچ 18, 2024

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن، آءِ ايم ايف جي زور ڀرڻ تي حڪومت نجڪاري پروگرام تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف هاڻوڪي پروگرام تحت ڪو به نئون شرط لاڳو نه ڪيو آهي، ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن، پاڪستان پروگرام جي آخري جائزي لاءِ گهربل سمورا شرط پورا ڪري چڪو آهي، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو ٿيندو، آءِ ايم ايف جو جائزه مشن هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي آخري قسط لاءِ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي سفارش ڪندو، 3 ارب ڊالرز جي قرض پروگرام تحت پاڪستان کي آءِ ايم ايف پاران ٻن قسطين ۾ هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالرز ملي چڪا آهن

Leave A Comment