آءِ ايم ايف سان اڄ کان ڳالهيون: پي ٽي آءِ وڌيڪ ووٽ کنيا، سياسي بي يقيني پاڪستان کي نئين بحران ڏانهن گهلي پئي: عالمي ادارو

مَي 13, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف  پاڪستان ۾چونڊن باوجود سياسي بي يقيني برقرار هئڻ جي نشاندهي  ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ سياسي بي يقينيءَ سبب معيشت کي درپيش خطرن کان خبردار ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ باوجود سياسي بي يقيني  برقرار آهي، اليڪشن کان پوءِ ٻن وڏين جماعتن  ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مخلوط حڪومت ٺاهي، پي ٽي آءِ  جي حمايت يافته ميمبرز قومي اسيمبلي ۾ وڏي اپوزيشن ٺاهي، اليڪشن ۾ مجموعي طور  تي پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن ٻين سياسي گروپس کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، پيچيده سياسي صورتحال، مهانگائي ۽ سماجي اڻبرابري پاليسي سڌارن جي عملدرآمد کي متاثر ڪري سگهن ٿا، اليڪشن ٿيڻ باوجود نئين حڪومت لاءِ سياسي بحران چئلينج بڻجي ويو، سياسي بي يقينيءَ واري صورتحال پاڪستان کي هڪ نئين بحران ڏانهن گهليندي پئي وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته  ميمبرز جو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي بئنچ تي ويهڻ ۽ اپوزيشن الائنس طرفان ملڪگير احتجاج جو فيصلو نئين حڪومت لاءِ سياسي بي يقيني کان گهٽ ناهن، آءِ ايم ايف موجب نئين حڪومت اسٽينڊ باءِ انتظام جي پاليسين کي جاري رکڻ، معاشي پاليسين تي عمل نه ڪرڻ، گهٽ پرڏيهي فنانسنگ، قرضن ۽ مٽا سٽا جي ناڻي بابت دٻاءُ جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنانسنگ ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ بئنڪن تي حڪومت کي قرض ڏيڻ جو دٻاءُ وڌندو ۽ حڪومت جو قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪن تي دٻاءُ وڌندو پر خانگي شعبي جي مالياتي گنجائش ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.

لاهور (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير  محمد اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستان پهچي چڪي آهي. اڄ کان ڳالهيون شروع ٿينديون، آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو ان جو ڪريڊٽ نگران حڪومت ڏانهن به وڃي ٿو. انهن پڻ ذميواري ڏيکاري. نجڪاري تي اسحاق ڊار سان اختلاف ناهن، معيشت ڊاڪيومينٽيڊ نه هئڻ ڪري ڏکيائيون پيش آهن، جيڪي واپاري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، اهي پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچن، کين سهولتون ڏينداسين، ٽيڪس نيٽ آءِ ايم ايف جي نه پاڪستان جي ضرورت آهي، ٽيڪس نيٽ شموليت مهم کان پوئتي نه هٽنداسين، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام چاهيو ٿا ته نجڪاري طرف وڃڻو پوندو ۽ نجي شعبي کي اڳيان اچڻو پوندو، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنيز جا بورڊز تبديل ڪري رهيا آهيون،ان ۾ نجي شعبا به شامل ڪنداسين، اسان کي بجليءَ جي چوري مڪمل طور تي ختم ڪرڻي آهي، ٽيڪس، جي ڊي پي ۽ توانائيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻي آهي، ان جو سبب آءِ ايم ايف ناهي پر اها پاڪستان جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته روينيو جو حدف 94 کرب رپيا آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خساري کي ختم ڪرڻو آهي. ٽيڪس نيٽ کان پوئتي نه هٽنداسين واپاري برادري کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين، پگهاردار طبقي تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ناڪام رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، ايڪسچينج ريٽ ۽ وياج جي شرح گهٽ ڪرڻ جو اختيار اسٽيٽ بينڪ وٽ آهي.

Leave A Comment