اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن: خورشيد شاهه

مَي 23, 2024

اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽيءَ سان معاملا اڳتي وڌي نه ٿا سگهن، معاملن کي سڌارڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پارليامينٽ آهي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جون اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، خورشيد شاهه چيو ته عدليه سان ظلم پاڻ عدليه شروع ڪيو ۽ هاڻي عدليه کي ئي اهو ختم ڪرڻو پوندو، جيڪو بهتر فيصلو ڪندو اهو ئي عوام جي نظر ۾ معتبر ٿيندو، ان تي تنقيد نه ٿيندي، ملڪ جي اعليٰ ترين عدليه اڪيلي فرد جي حڪم کي متفقه آئين تي ترجيح ڏني، آمرن کي آئين کان مٿانهون تحفظ ڏيڻ سان جمهوريت کي اسرڻ جو موقعو نه مليو، سڀني کي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، اسان پهرين پي ٽي آءِ کي حڪومت سازي جي دعوت ڏني جيڪا هنن رد ڪري ڇڏي

Leave A Comment