ڳالهيون ڪٽر مخالفن سان ٿينديون چورن سان نه، ڊيل لاءِ نالا ناهن ڏنا، بس مون کي قتل ڪرڻ ئي رهجي ويو آهي: عمران خان
مَي 4, 2024
اسلام آباد/ راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ڳالهين لاءِ 3 ماڻهن کي اختيار ڏيندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور،عمر ايوب ۽ شبلي فراز جا نالا ڊيل لاءِ نه ڳالهين لاءِ تجويز ڪيا آهن، ڳالهيون ڪٽر مخالفن سان ٿينديون چور پارٽين کانسواءِ سمورين پارٽين سان ڳالهائينداسين، ڊيل اهو ڪندو آهي جيڪو ملڪ کان ٻاهر ڀڄي وڃي، ڊيل جيل کان بچڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. آئون ته 18 مهينن کان چئي رهيو آهيان ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون سياست ۾ هميشه ڳالهيون ئي ٿينديون آهن. سرعام چئي چڪو آهيان ته جيڪڏهن مون کي ۽ منهنجي گهرواري کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار جنرل عاصم منير هوندو، اسٽبلشمينٽ مون کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جيل ۾ ساٿين سان ڳالهين ۽ ٽيليگراف ۾ نئين لکيل مضمون ۾ ڪيو، عمران جو چوڻ هو ته توشاخانه تي چوٿون ڪيس ڪيو پيو وڃي جيڪي به ڪيس ٺاهڻا آهن هڪ ڀيرو ٺاهي کڻي اچو. مضمون ۾ عمران خان لکيو آهي ته موت سان ناهيان ڊڄندو ڇاڪاڻ جومنهنجو ايمان مضبوط آهي، مان غلامي تي موت کي ترجيح ڏيندس، اڄ پاڪستان ۽ عوام هڪ ٻئي سامهون بيٺل آهن، تقريبن 2 سال پهرين منهنجي حڪومت خلاف هڪ انجنيئر ووٽ عدم اعتماد پيش ڪيو ويو، ملٽري اسٽبلشمينٽ سان گڏ هڪ حڪومت وجود ۾ آئي. ان کانپوءِ آرمي چيف جي رهنمائي ۾ ملٽري اسٽبلشمينٽ پاڪستان جي سياسي ماحول مان منهنجي پارٽي جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ هر حربو آزمايو. عمران خان جيل مان لکيل آرٽيڪل ۾ وڌيڪ چيو آهي ته تازين چونڊن ۾ به ووٽ ٽيمپرنگ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي ڪري پاڪستان هڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيو آهي، عسڪري قيادت کي ان سطح تي کلي عام تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪو اسان جي تاريخ ۾ ناهي ڏٺو ويو، حڪومت ته کل جو سامان آهي. باني پي ٽي آءِ وڌيڪ لکيو آهي ته اسٽبلشمينٽ منهنجي خلاف هر ممڪن ڪوشش ڪئي هاڻي ان لاءِ بس مون کي قتل ڪرڻوآهي، مان سرعام چئي چڪو آهيان ته مون کي يا منهنجي زال کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار جنرل عاصم منير هوندو، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، ايمان مضبوط آهي.