ٽنڊي غلام حيدر ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي پريشان
سيپٽمبر 4, 2024
ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر تعلقي جي 8 ئي يونين ڪائونسلن جمال الدين لاشاري، ڏندو، مويا، نظرپور، حاجي صوڀو خان چانڊيو، نصير چانگ، يوسف خان چانگ، لکي ميرواهه سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نائين ڏينهن به گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيٺل آهي، ڳوٺن جا لنڪ روڊ ڪچا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ڪري شهرن جو ڳوٺن سان زميني رابطو مسلسل ڪٽيل آھي، تعلقي جي بابو چانڊيو، گاماڻي خاصخيلي، بچو خاصخيلي، علي شير چانڊيو، ڪريم ڏنو ڪيريو، طاهر خاصخيلي، علي مراد چانڊيو، جعفر چانڊيو سميت مختلف ڳوٺن ۾ مجموعي طور 2 هزار کان مٿي ڪچا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، پڪين جڳهن کي به نقصان ٿيو آھي، تعلقي جي مختلف سم نالن جون آيل ماتلي، خاصو 2، خاصو ون، ٽنڊو محمد خان ڊرينج سم نالن کي مختلف هنڌن تان گهارا لڳڻ ۽ اوور ٽاپ ٿيڻ سبب حاجي صوڀو خان چانڊيو، حاجي حسن جتوئي، محمد علي چانگ سميت 50 کان مٿي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، هزارين ايڪڙن تي پوکيل سارين، ڪمند، ڦٽي ، ٽماٽي جو فصل بدستور ٻڏل آهي، انتظاميا طرفان 9 ڏينهن گذرڻ باوجود بي گهر ٿيل برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪو قدم ناهي کنيو ويو.