ٽنڊي غلام علي ۾ گڏهن جي پڙي ۽ گوءِ، گڏهه اڍائي لک رپين ۾ وڪرو
جُولاءِ 19, 2024
ٽنڊوغلام علي (رپورٽ: نزاڪت ڀٽي) ٽنڊوغلام علي ۾ هر سال لڳندڙ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي گڏهن جي پڙي هڪ ڏينهن لاءِ 11 محرم تي واٽر سپلاءِ پلاٽ ۾ لڳائي وئي. ھن پڙي ۾ اعليٰ نسل جا گڏھ ٿري، ننڍا خودا، لاسي، خچر، ٽامڙي، سميت مختلف نسل جا گڏھ آندا وڃن ٿا ۽ ھن پڙي ۾ خريد ۽ فروخت لاءِ لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو، ڊگهڙي، ميرپورخاص، بدين، ٿر، ٽنڊولهيار، ھالا، عمر ڪوٽ، نوابشاھ، ڪراچي، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوآدم سميت پنجاب کان واپاري اچن ٿا
ھن پڙي ۾ گڏهن جي گوءِ ڪرائي پوءِ واپاري گڏھ خريد ڪندا آھن واپارين پاران پنهنجي گڏھن کي سينگاري گڏھن تي پنهنجي پسند جا نالا راڪيٽ، بجلي، ڪبوتر ، ھوائي جهاز جهڙا مختلف گڏھن جا نالا لکي گڏھن جا خفتي پڙي ۾ ڪاھي ايندا آھن ياد رھي ته ھي پڙي 6 محرم تي لڳائي ويندي ھئي پر ٽنڊوغلام علي جي شعيه اڳواڻن جي مسلسل احتجاج رنگ لاتو بعد ۾ پڙي ھڪ ڏينهن لاءِ 11 محرم کان گڏھن جي خريد ۽ فروخت ڪئي ويندي آھي
جڏھن ته گڏھن جي آمد جو سلسلو 9 محرم کان شروع ٿي ويندو آھي. ھن پڙي ۾ گڏھن جي سينگار جا دڪان، ھوٽلون ۽ گاھ جا اسٽال پڻ لڳايا آھن ان موقعي تي ماتلي کان آيل واپاري نجف دايو ٻڌايو ته ٽن سالن کان مسلسل برساتون پوڻ سبب ڊپ ۾ خريدار نه اچڻ ڪري ۽ مهانگائي سبب ڪيترائي واپاري نه پهتا جنهن جي ڪري مون 5 گڏھن مان ھڪ گڏھ اڍائي لک رپين ۾ وڪرو ڪيو ۽ مهانگائي سبب واپار نه ٿي سگهيو
ھن وڌيڪ چيو ته ھن پڙي ۾ مهانگي ۾ مهانگو گڏھ منهنجو اڍائي لک ۾ وڪامجي ويو، ھن پڙي ۾ شهري پنهنجي ٻارن کي وٺي لطف اندوز ٿيندا آھن ھوڏانهن پڙي ۾ آيل واپارين منظور علي نانگراج، مدد علي، غلام نبي کوسو، محمد فاضل سيلرو ۽ ٻين واپارين علائقي مان چونڊجي آيل پ پ ايم اين اي ۽ شهر جي مالڪ مير غلام علي خان ٽالپر ۽ ٽائون چيئرمين مير حاجن خان ٽالپر کان مطالبو ڪيو آھي ته پڙي ۾ ڱڏھ جي داخلا في ڪلو ھڪ ھزار کان گهٽائي 500 سئو ڪيو وڃي ته جيئن ھي تاريخي پڙي پنهنجو سونهن بچائي سگهي
ھنن وڌيڪ چيو ته اگر پڙي ۾ ڱڏھ جي انٽري في گهٽائي ۽ واپارين کي سهولتون ڪري ڏنيون وڃن ته پڙي ھن کان وڌيڪ زور وٺندي، ٻئي طرف ٽائون چيئرمين مير نور محمد عرف مير حاجن خان ٽالپر پڙي جو دورو ڪيو جتي ھن پڙي کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ٽائون جي صفائي عملي کي پڻ پابند ڪيو ته پڙي ۾ مڪمل صفائي ڪئي وڃي ۽ ٻي صورت ۾ ڪوتاھي برداشت نه ڪندس چيئرمين ميڊيا کي ٻڌايو ته ھي اسان جي شهر جي تاريخي پڙي آھي ھن پڙي ۾ پري پري کان ايندڙ واپارين کي آئينده سال ھن کان وڌيڪ سهولتون ڪري ڏنيون وينديون