ٽنڊي محمد خان ۾ نينگر بدفعلي بعد تشدد ڪري قتل، 2 شڪي جوابدار گرفتار
آگسٽ 28, 2024
ٽنڊومحمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊومحمد خان جي شهري علائقي پٽ ڳاهي پاڙي حبيب ٽائون ۾ 13 ورهين جي ٻارڙي اڪرم ملاح ولد خميسو ملاح کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد تشدد ڪري کيس ڦٽو ڪري ويا، وارثن نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، معصوم ٻالڪ جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، نينگر جي والد خميسو ملاح موجب منهنجي معصوم مستاني پٽ اڪرم ملاح کي علائقي جي اوباش نوجوانن بدفعلي بعد کيس تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، اسان پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايڇ او بي سيڪشن ظهور نوناري موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ اصل حقيقت ظاهر ٿي سگهندي، وارثن قتل جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جنهن جي ڪري پوليس ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنيادن تي حراست ۾ ورتو آهي.