ٽنڊي آدم ويجهو روهڙي ڪئنال کي 100 فوٽ گهارو، 6 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ

آگسٽ 5, 2024

ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم ويجهو روهڙي ڪئنال کي 100 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه، 6 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، 20 ڳوٺن مان لڏپلاڻ، متاثرن لاءِ ڪيمپ قائم، پ پ چيئرمين نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

رپورٽ موجب ڳوٺ عالم ڏيرو وٽان روهڙي ڪئنال کي رات جي پوئين پهر ۾ روڻين پوڻ بعد 100 فوٽ گهارو لڳي ويو، گهاري جو پاڻي 5 ڳوٺن عالم ڏيرو، مٺن ڏيرو، ڪريم ڏنو چنا، الهڏنو چنا ۽ جڙيو ڏيرو ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب ڄاڻايل ڳوٺن جي ماڻھن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي

مقامي انتظاميا متاثرن لاءِ پبلڪ اسڪول ۾ ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي جتي ڪيترائي متاثر ڪٽنبن پهچي پناهه ورتي، پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي سبب سوين ايڪڙن تي انبن جا باغ، ڪيلا، ڪمند ۽ ڦٽين جا فصل ۽ زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهتو آھي

متاثرن پاران آبپاشي کاتي  جي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهتا، جڏهن ته اڳوڻو سينيٽر فدا ڏيرو، فراز ڏيرو، نويد ڏيرو ۽ پارس ڏيرو ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ برساتي مامرن لاءِ مقرر فوڪل پرسن شاهد ٿهيم ۽ ٻيا گهاري واري هنڌ پهتا، آخري اطلاعن تائين گهارو بند نه ٿي سگهيو هو

هوڏانهن گهاري جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي آبپاشي وزير ڄام خان شورو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، بلاول ڀٽو زرداري هدايتون جاري ڪيون آھن ته گهاري کي بند ڪرڻ سميت متاثرن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن

Leave A Comment