ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

اپريل 29, 2024

ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا،آپريشن 28 ۽ 29 اپريل جي وچ تي ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، مقامي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ساراهيو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي

Leave A Comment