ڀٽائي ظالم خلاف بيهڻ جو درس ڏنو، انتهاپسندي روڪڻ لاءِ لطيف کي پڙھڻو پوندو: اديب/سياستدان
آگسٽ 22, 2024
ڀٽ شاھ (رپورٽ: رجب علي بوزدار) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي ٻئي ڏينهن تي لطيف ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لطيف ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، صدارت خطاب ڪندي هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ظالم حڪمرانن جي خلاف بيهڻ جو درس ڏنو آهي ۽ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. شاهه لطيف جي شاعري سموري انسان ذات لاءِ آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان موجوده دور جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. شاهه لطيف چاهين ٿا ته معاشري ۾ جهيڙو ۽ نفرت نه هجي ۽ امن ۽ ڀائيچاري جو بول بالا هجي، تنهنڪري هن جو پيغام هر جاءِ تي پهچڻ گهرجي. اسان جو پاڻ هڪ روحاني درگاهه سان تعلق آهي جيڪو سلسلو قادريه سان جڙيل آهي ۽ غوث الاعظم حضرت عبدالقادر جيلاني رحه به پنهنجي تعليمات ذريعي ماڻهن کي مسلمان ڪيو، لطيف ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته اسان سينيٽ چيئرمين کان گذارش ٿا ڪريون ته شاهه سائين جي پيغام کي سڀني صوبن جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏين. ثقافت واري وزير چيو ته ثقافت کاتي پاران شاهه سائين جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ سال جي ڀرپور ڪوششون جاري رهنديون آهن. ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناليواري دانشور اياز لطيف پليجو چيو ته اڄڪلھه نوجوان جسم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ورزش ڪن ٿا پر ذهانت ۽ نئين سوچ لاءِ پنهنجو دماغ گهٽ استعمال ڪن ٿا. موبائل فون سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. دماغ ۽ دل کي طاقتور بڻائڻ لاءِ شاهه لطيف جي پيغام کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي، تنهنڪري اسان کي رواجي طريقن کان هٽي ڪري سوچڻ گهرجي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي وليم ورڊس ورتھ جيان قدرت جا شاعر هئا، هنن پنهنجي ڪردار جي ذريعي ماڻهن ۾ همٿ ۽ جرئت جو جذبو پيدا ڪيو. شاهه لطيف جي شاعري جو موضوع ٻين شاعرن کان مختلف آهي، هو مسلسل جدوجهد، ڪوشش ۽ ظلم ۽ جبر جي خلاف اٿي بيهڻ جو درس ڏين ٿا. لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ مدد علي سنڌي، ڪي ايس ناگپال، تاج جويي، ڊاڪٽر شير مھراني، عزيز ڪنگراڻي، شوڪت اجن، ادل سومرو، مختيار ملڪ، اي ڊي لاشاري ۽ ٻين محققن شاهه سائين جي فن، فڪر ۽ فلسفي تي پنهنجا تحقيقاتي مقالا پيش ڪيا.
سينيٽ چيئرمين درگاهه ڀٽائي پهتو، چادر چاڙهي دعا گهري
ڀٽ شاهه: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي جنهن جي اڄ جي دور ۾ سخت ضرورت آهي. شاهه سائين عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ظلم جي خلاف بيهڻ جو پيغام ڏنو آهي. منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ شاهه لطيف جي آڱڻ ۾ موجود آهيان. عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هنن خيالن جو اظهار هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 281 هين سالياني عرس جي ٻئي ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال کي ڏسندي اسان سڀني کي گڏجي هلڻ گهرجي. هن وقت اختلافات ڪرڻ جو ناهي، گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته غريبن کي نوڪريون ڏيڻ تي مون 9 سال جيل ڪاٽي پر مون ڪنهن به جج يا ادارن جو نالو نه ورتو، نه ئي ڪا شڪايت ڪئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري به جيل ڪاٽي ۽ ڀٽو صاحب شهيد ٿيا، پيپلز پارٽي جي قيادت جيل جي سختين کي برداشت ڪيو. نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ مريم نواز کي به جيل وڃڻو پيو. مان ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ نٿو چاهيان ته ڪنهن کي جيل وڃڻ گهرجي يا نه، رليف ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي. هڪ سوال تي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جيڪڏهن مولانا صاحب تبديلي جي ڳالهه ڪندا آهن ته پوءِ اهي ماڻهو ايندا ۽ مولانا صاحب کي اسان سان گڏ ويهڻو پوندو. عدليه کي گهرجي ته 9 مئي واري واقعي تي جلد کان جلد انصاف ڪري.
ڀٽائي جي عرس تي ملاکڙو، ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا
ڀٽ شاھ: عرس جي ٻي ڏينهن تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابلا ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا به منعقد ڪيا ويا، ملاکڙا گرائونڊ ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا مقابلا منعقد ڪيا ويا پهرين ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن منٺار بگٽي، مبارڪ ملاح، قربان هوٿيپوٽو، ملهار شيدي، راهب ٽڳڙ، فدا ملاح، جان محمد لنڊ، شعبان شر، لالا رحيم پٺاڻ ۾ دلچسپ مقابلا جاري رهيا، جڏهن ته ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا به منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ مختلف شوقينن پنهنجا ڍڳا ڊوڙ ۾شامل ڪيا، جڏهن ته برسات سبب گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ملتوي ڪيا ويا آهن
عرس جي آخري ڏهاڙي تي اجتماعي دعا گهري ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ويندي
ڀٽ شاھ: حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي جي عرس مبارڪ جي اڄ آخري ڏينهن تي درگاھ ڀٽائي جو قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي مزار تي اجتماعي دعا گهري مريدن کي ديدار ڪرائيندو ۽ هال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ويندي
لطيفي راڳ رنگ جي محفل، احمد مغل، فائزه علي، طفيل سنجراڻي، عاشق نظاماڻي ۽ ٻين طرفان سرن ورکا
ڀٽ شاھ: ڀٽ شاھ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي طرفان آڊيٽوريم هال ۾ لطيفي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي نالي وارن فنڪارن ضامن علي ،طفيل سنجراڻي، ساجد سولنگي،فائزہ علي، رياض عباسي، عاشق نظاماڻي، برڪت علي، ممتاز ڪنول، احمد مغل، اقرار وحيد علي، استاد عبدالله، استاد فتح علي، تعمير حسين ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا ڪري هزارين ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ درگاهه ڀٽائي پهچي لطيف ايوارڊ ورهائيندو
ڀٽ شاھ: حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي اڄ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڀٽ شاھ مزار تي چادر چاڙهي دعا گهرندو ۽ ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن ۾ شاھ لطيف ايوارڊ تقسيم ڪندو