ڦٽين تي ٽيڪس نامنظور: آبادگار ۽ واپاري رستن تي نڪري آيا، 40 ڪاٽن فيڪٽريون بند، مظاهرا، ڌرڻا

جُون 28, 2024

ڄام نوازعلي/ٽنڊو آدم/سنڌڙي (نمائندن وٽان) ٽنڊو آدم، ٻيراڻي ۽ سنڌڙي ۾ وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ ڪاٽن جنرس مٿان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ واپارين جا مظاهرا، ڌرڻا، فيصلو واپس وٺڻ تائين ڪاٽن فيڪٽريون بند رکڻ جو اعلان، خبر موجب وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ ڪاٽن جنرس مٿان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ واري اعلان بعد ٽنڊي آدم ۾ پاڪستان جنرس ايسوسيئيشن 40 ڪاٽن فيڪٽرين کي بند ڪري آبادگارن کان ڦٽين جي خريداري بند ڪري ڇڏي آھي، جنهن سبب آبادگارن جون هزارين مڻ ڦٽين جو وڪرو رڪجي ويو آھي، جڏهن ته برسات پوڻ بعد ڦٽين جي خراب ٿيڻ جو پڻ خدشو ٿي پيو آهي، حڪمتي فيصلي خلاف آبادگارن ۽ پورهيتن وڏي انگ ۾ ٽنڊو آدم ميرپورخاص روڊ تي محبوب مري، علي نواز مري، راشد پنهور، مختيار مري، احسان سيال، عبدالحڪيم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٻيراڻي ۾ وفاقي حڪومت پاران ظالماڻي ٽيڪس خلاف آبادگارن ۽ واپارين ٻانهن تي ڪاريون پيٽون ٻڌي انور علي راجپوت، اسماعيل ڳاهو، پيسو مل، صديق شيخ، غلام محمد مري، عاشق ڪٽو هر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سنڌڙي ۾ ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن ٽئڪس ۽ بجلي جي واڌو بلن خلاف ھڙتال ڪندي ڦٽين جي خريداري بند ڪري ڇڏي، جڏهن ته تعلقي جي آبادگارن ۽ واپارين سامارو موري تي ڦٽين کي باھه ڏئي ايوب مري، علي بخش مھر ۽ سيف شر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن، پورهيتن ۽ ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪاٽن جنرس تي ٽئڪس لڳائڻ جو سڌو سنئون اثر آبادگارن تي پوندو، ڦٽين جي خريداري بند ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان جو جياپو زراعت تي آھي، اگر جلدي خريداري شروع نه ٿي ته آبادگارن ۽ پورهيتن جو معاشي قتلام ٿيندو، پاڪستان ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن اڳواڻن هريش ڪمار ويڌاڻي، مڪيش ڪمار، پريم چند، نارو مل، ڀاون داس ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ڪاٽن جنرس صنعت کي رليف ڏيڻ بجاءِ نوان ٽئڪس لڳائڻ سميت بجلي ۽ گئس جا اگھه وڌائي ڇڏيا آھن، جنهن سبب ڪاٽن فيڪٽريون هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، مجبور ٿي ڪاٽن فيڪٽرين کي بند ڪري ڦٽين جي خريداري بند ڪئي آھي، هنن اعلان ڪيو ته جيستائين ٽئڪس واپس نه ورتي ويندي ان وقت تائين احتجاجن فيڪٽريون بند رهنديون ۽ ڦٽين جي خريداري نه ڪئي ويندي، هنن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته فوري طور تي لڳايل ٽئڪس واپس ورتي وڃي.

Leave A Comment