تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ ترجمان تي حملي واري واقعي جي اسلام آباد پوليس پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي رد ڪري ڇڏيو
مَي 22, 2024
تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ ترجمان تي حملي واري واقعي جي اسلام آباد پوليس پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي رد ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته جنهن ٽولي رئوف حسن تي حملو ڪيو اهو ڪٿي آهي؟ پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود رئوف حسن تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن تائين نه پهچي سگهي آهي، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته حملو ڪندڙن منهنجو ڳلو ڪپڻ پئي چاهيو، حملو ڪندڙن جو وار ڳلي بدران منهن تي لڳڻ سبب بچي ويس، هي زخم ته ڀرجي ويندا پر جمهوريت پٺيان موجود آمريت ملڪ کي جيڪي زخم ڏنا آهن اهي ڀرجي نه ٿا سگهن، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن تي حملي واري واقعي جي آبپاره ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته رئوف حسن تي خواجا سرائن بليڊ سان حملو ڪيو