تحريڪ انصاف عمر ايوب کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فيبروري 15, 2024

تحريڪ انصاف عمر ايوب کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومت سازي لاءِ پيپلزپارٽيءَ سان رابطن جي ترديد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات بعد وزيراعظم جي نامزدگي جو اعلان ڪيو، اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندڙ سمورين جماعتن سان رابطا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺائينداسين، اڄ شام تائين احتجاجي تحريڪ بابت حڪمت عملي جوڙينداسين، اسد قيصر کي عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي وئي، بئرسٽر سيف پيپلزپارٽي سان رابطن جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، بئرسٽر سيف چيو ته پي ٽي آءِ باني سختيءَ سان منع ڪيو آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان گڏجي حڪومت نه ٺاهڻي آهي، پيپلزپارٽي سان حڪومت سازي بابت رابطن جون خبرون ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون آهن، پي ٽي آءِ باني چيو ته اپوزيشن ۾ ويهي رهو پر نوازليگ ۽ پيپلزپارٽي سان اتحاد نه ڪيو

Leave A Comment