پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اشارو: جنرل فيض بابت بيان غلطي سان نڪري ويو: فضل الرحمان

فيبروري 17, 2024

اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جنرل فيض حميد بابت ڏنل بيان مٽائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن جنرل فيض جو نالو غلطي سان زبان تي اچي ويو هو. هن معاملي کي گھڻُو بحث هيٺ آڻڻ ۽ ڊيگه ڏيڻ بدران تاريخ جي حوالي ڪري ڇڏڻ گھرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ختم به ٿي سگھن ٿيون. نواز شريف ۽ آصف زررداري سان ڳالهاڱئڻ لاءِ تيار آهيان. تحريڪ انصاف سان منهنجو معاملو در گذر تي به ختم ٿي سگھي ٿو.  هن چيو ته مون کي عدليه سميت پاڪستان جي ڪنهن اعتماد تي اعتماد ناهي. عدم اعتماد جي معاملي تي حلف تي بيان نٿو ڏيڻ چاهيان. هن چيو ته قمر جاويد باجوه کي 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي جو ذميوار سمجھان ٿو.  صحافي پڇيو ته توهان جي بيان تي قمر جاويد باجوه حلف گھريو آهي، جمنهن تي فضل الرحمان چيو ته جيڪي شيون اسان جي سامهون ٿينديون رهيون، انهن تي حلف وٺڻ غلط  آهي. هن چيو ته انهن جنرلن به ته سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو حلف کنيو هو.  مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هاڻي ڏسون هنن چونڊن ۾ ڌانڌلي تي سپريم ڪورٽ ڇا ٿي ڪري. منهنجي بي اعتمادي واري رٿ بابت ڳالهه ٻول کي هاڻي پوئتي ڇڏي ڏيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته قومي اسميبلي جي سيٽ جو حلف کڻڻ ويندس.

Leave A Comment