ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

مَي 21, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينا طور ڌيءَ لڪائڻ تي پي ٽي آءِ باني عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس سمن رفعت تي ٻڌل لارجر بينچ شهري محمد ساجد پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءَ ٽيريان وائيٽ کي ظاهر نه ڪري غلط بياني ڪئي، حقيقتون لڪائڻ تي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي، جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواست گذار جي وڪيل کي رمارڪس ۾ چيو ته هن فائيل ۾ هڪ بند لفافو آهي اهو کوليو، 2 ججز جو فيصلو آهي، 2 جج هن درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي چڪا آهن، 3 ججز مان جڏهن 2 جج فيصلو ڏئي چڪا آهن ته پوءِ تاريخ ڪيئن ڏيون؟ لارجر بينچ اڳوڻي بينچ جي ٻن ججز جي فيصلي جي روشني ۾ درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، گذريل سال ساڳي درخواست تي جوڙيل لارجر بينچ جي 2 ججز درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو هو، بعد ۾ بينچ ٽٽڻ تي هلندڙ سال نئين بينچ جوڙي وئي هئي

Leave A Comment