دهشتگردي ٽوڙ عدالت بشرا بي بي جو نالو 9 مئي جي 12 ڪيسن مان خارج ڪري ڇڏيو
آگسٽ 20, 2024
دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جو نالو 9 مئي سانحي جي 12 ڪيسن مان خارج ڪري ڇڏيو
اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. 9 مئي جي ڪيسن جا جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته بشرا بي بي طرفان سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو
پنڊي پوليس بشرا بي بي جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. وڪيلن پاران جسماني رمانڊ جي درخواست تي دليل ڏنا ويا. عدالت بشريٰ بي بي جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس جي درخواست رد ڪندي بشرا بي بي جو نالو 12 ڪيسن مان خارج ڪري ڇڏيو
راولپنڊي ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ بشرا بي بي کي 12 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو هو