پاڪستان ۾ افغانستان مان دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: آءِ ايس پي آر

مَي 22, 2024

افغانستان مان داخل ٿيندڙ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن دوران هڪ مهيني ۾ 29 دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ 14 مئي 2024 تي پاڪ فوج جي ميجر بابر خان به شهادت ماڻي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغانستان مان دهشتگردن جي داخلا روڪڻ لاءِ بلوچستان جي زوب ضلعي جي سمبازا واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران 21 اپريل کان آپريشن شروع ڪيو ويو هو

هيل تائين ان آپريشن دوران 29 دهشتگردن جو خاتمو آندو ويو آهي، سيڪيورٽي فورسز پنهنجي شهرين جي حياتي ۽ سرحدن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن

پاڪستان افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگردن جي چرپر روڪڻ لاءِ بار بار چوندو رهيو آهي، اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين دهشتگردن هٿان استعمال نه ٿيڻ واريون پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪندي

Leave A Comment